شهر ۾ 10 کان 12 ۽ ٻهراڙي ۾ 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: خورشيد شاهه جون قومي اسيمبلي ۾ دانهون

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته ٻهراڙي ۾ 18 ڪلاڪ لوڊشيدنگ ڪئي پئي وڃي، ن ليگ جي حڪومت اچڻ وقت سمجهيو هو ته بٽڻ آن ٿيندو ۽ بجلي اچي ويندي پر هاڻي 3 سال انتظار ڪرڻ جو چيو پيو وڃي، اهو انتظار به ڪري ٿا ڏسون. قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم نواز شريف جي خطاب بعد ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته ايوان ۾ وزيراعظم موجود آهي، ان ڪري هـُو هـِي موقعو نٿو وڃائڻ چاهي. خورشيد شاهه چيو ته شهر ۾ 10 کان12 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ٻهراڙي ۾ 18 ڪلاڪن تائين بجلي بند ٿي رهي آهي. خورشيد شاهه چيو ته جڏهن ن ليگ جي حڪومت آئي ته سڀني سمجهيو بٽڻ آن ٿيندو ۽ ملڪ ۾ بجلي اچي ويندي پر ائين نه ٿيو. اپوزيشن ليڊر چيو ته ن ليگ منشور ۾ چيو هو ته 6 مهينن اندر بجلي اچي ويندي،هاڻي وڌيڪ 3 سال به انتظار ڪري ڏسون ٿا. خورشيد شاهه چيو ته سڀني کي گڏجي ملڪ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *