شهر ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي ڪئي وڃي: ايم ڪيو ايم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو بند ڪرڻ جي گهر ڪندي چيو آهي ته شهر ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي ڪئي وڃي پر سندن ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو جاري آهي. ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو تي پريس ڪانفرنس ڪندي حيدر عباس رضوي، قمر منصور ۽ ٻين چيو ته سندن ڪارڪن نجم الحسن کي قتل ڪيو ويو  آهي. متحده اڳواڻن چيو ته اورنگي ٽائون، ڪٽي پهاڙي ۽ منگهوپير جهڙا علائقا پابندي مڙهيل تنظيمن جو ڳڙهه بڻيل آهن پر اتي ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي. هنن چيو ته سندن ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو جاري آهي. اڳواڻن صدر، وزيراعظم، آرمي چيف، سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير کان ايم ڪيو ايم ڪارڪنن جي گرفتارين واري معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *