شهر ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن هر صورت ۾ جاري رهندو: مراد علي شاهه

ڪراچي(م.ڊ/اسٽاف رپورٽر/اين اين آءِ)وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊي جي رينجرز جنرل بلال اڪبر کي عزيز آباد مان هٿ آيل هٿيارن بابت وڌيڪ جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وڏي وزير ڊي جي رينجرز سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ عزيز آباد مان هٿ آيل هٿيارن بابت ڳاليهون ڪيون ويون. وڏي وزير ڊي جي رينجرز کي هدايت ڪئي ته هٿيارن بابت وڌيڪ جاچ ڪئي وڃي. ملاقات ۾ محترم الحرام جي سيڪيورٽي، امن امان جي صورحال ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي علائقي عزيز آباد ۾ نائن زيرو ۽ ڀرپاسي جي علائقي مان تاريخ ۾ هٿيارن جي سڀ کان وڏي کيپ هٿ ڪرڻ تي پوليس ۽ رينجرز پارٽي لاءِ 50 لک رپيا انعام ڪو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته هيڏي وڏي ڪارروائي ڪرڻ تي پوليس مٿان فخر آهي. شهر ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن هر صورت ۾ جاري رهندو. هن چيو ته پوليس ۽ رينجرز گڏجي ڪاميابيون حاصل ڪري رهيا آهن.  ڳجھن ادارن جي وقت سر ڪارروائين سان وڏيون ڪاميابيون ملي رهيون آهن.سٺو ڪم ڪندڙن سان گڏ آهيان.  ٻئي طرف  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جيل پوليس جون پگهارون به سنڌ پوليس جي برابر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سکر، نوابشاهه، عمر ڪوٽ ۽ مٺي ۾ نوان جيل ٺاهڻ ۽ سموري صوبي ۾ جيلن جي سڪيورٽي وڌائڻ ۽ قيدين کي سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ جي جيلن جي صورتحال بابت وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ جي جيلز نصرت مڱڻ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران آءِ جي جيلن جي سڪيورٽي ۽ بيرڪس جي ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. وڏي زير ڪراچي سينٽرل جيل، لاڙڪاڻو ۽ بدين جيلن ۾ ترقياتي ڪمن جي سست رفتاري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪم جلد مڪمل ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو. وڏي وزير سکر،نوابشاهه، عمر ڪوٽ ۽ مٺي ۾ نواز جيل قائم ڪري پراڻن جيلن کي عورت قيدين لاءِ مخصوص ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *