شهري عيد جي شاپنگ ڪري وٺن، لاڪ ڊائون لڳي سگهي ٿو: اسد عمر

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي وزير ۽ اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ عيد تائين آئوٽ ڊور ڊائنگ تي پابندي لڳائي ويئي آهي 5 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪرونا ڪيسن وارن علائقن ۾ اسڪول به بند ڪيا ويندا قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا بريفنگ ڏيندي اسد عمر چيو ته ان ڊور ڊائننگ تي پهرين کان پابندي لاڳو آهي ائوٽ ڊور ڊائننگ تي عيد تائين پابندي لڳائي ويئي آهي رڳو ٽيڪ اوي جي اجازت هوندي هن چيو ته آفيس جا وقت منجهند 2 وڳي تائين هوندا ۽ آفيس ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن کي نه گهرايو وڇي سموريون بازارون شام 6 وڳي تائين کليل رهنديون شام 6 وڳي کان پوءِ ضروري شين جون دڪانون کلنديون اسڪولن جي حوالي سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته اهي ضلعا جتي 5 سيڪڙو کان وڌيڪ هاڪاري ڪيس آهن اتي اسڪول بند ٿيندا وفاقي وزير چيو ته ٿي سگهي ٿو ته اهڙي صورتهال پيدا ٿئي جو شهرن ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻو پوي لاڪ ڊائون جي حوالي سان صوبن سان گڏجي پلان جوڙينداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *