شهباز شريف پهرين پنهنجي پارٽي ۾ اِن هائوس تبديلي آڻي پوءِ پارليمان ۾ تبديلي جي ڳالهه ڪري: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ شهباز ڊريف کي ن ليگ جي ڪٺ پتلي قرار ڏئي ڇڏيو. فردوس عاشق اعواڻ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته شهباز شريف پهرين پنهنجي پارٽي ۾ اِن هائوس تبديلي آڻي پوءِ پارليمان ۾ تبديلي جي ڳالهه ڪري، ن ليگ جو صدر شهباز شريف آهي پر فيصلا سندس جاءِ تي ٻيو ڪير ڪندو آهي، ڪٺ پتلي صدر هئڻ کان بهتر آهي ته پهرين پنهنجي پارٽي جو حقيقي صدر ته بڻجي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته شهباز شريف جو اِن هائوس تبديلي وارو بيان ٻلي جي خواب ۾ ڇڇڙا جي برابر آهي، انهن حسرتن جي لاءِ هن سان همدردي ئي ڪري سگهجي ٿي، اِن هائوس تبديلي جي شوبازي نه ڪيو پر پارليمان ۾ اچي قانون سازي جي ذميواري پوري ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *