شهباز شريف وٽ ٻه ئي آپشن آهن هو لنڊن وڃي يا جيل، عدالت نواز شريف جي واپسي لاءِ قدم کڻي: فواد چوڌري

لاهور: (م.ڊ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شهباز شريف وٽ ٻه ئي آپشن آهن هو لنڊن وڃي يا جيل. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته اسان ته چاهيون ٿا ته عدالت نوازشريف کي واپس آڻڻ لاءِ قدم کڻي اسان جي درخواست اها آهي ته روزاني جي بنياد تي نوازشريف جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿئي. فواد چوڌري چيو ته شهباز شريف کي لڳي ٿو ته هو ٻڏي رهيو آهي. ته سمورو پاڪستان ئي ٻڏي رهيو آهي. شهباز شريف وٽ ٻه ئي آپشن آهن لنڊن وڃي يا پوءِ جيل وڃي. هن چيو ته اسان 3 سالن دوران 32 ارب ڊالرن جو قرض واپس ڪيو آهي. جيڪڏهن عمران خان وزيراعظم نه هجي ها ته ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي وڃي ها. هڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته سياست ڪرڻ جو حق سڀني پارٽين کي آهي اسان ته چاهيون ٿا ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) قومي سياست ڪن. اپوزيشن وارا ڀڳل آهن جڏهن هي ميدان ۾ ايندا ته اسان هنن سان ڳالهيون ڪنداسين. پيپلز پارٽي بابت پڇيل سوال تي وفاقي وزير چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو جيڪڏهن لاهور اچڻ چاهين ٿا ته خوشي سان اچن. 10 مرله جي گهر ۾ هنن جو جلسو ٿي ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *