شهباز شريف نگران وزيراعظم لاءِ مشاورت نه ڪئي ته اسان جو نالو چونڊجي ويندو: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اپوزيشن سپريم ڪورٽ تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي (ن) ليگ جي اڪائونٽس سان سپريم ڪورٽ جي بئنچ تي لاڳيتو تنقيدي حملا ٿي رهيا آهن عمران خان جيڪڏهن اپوزيشن جي خلاف احتجاج جو سڏ ڏنو ته پنهنجي گهرن ۾ رهڻ ڏکيو ٿي ويندو پاڪستان جو عوام اليڪشن لاءِ تيار آهي جماعت ڪڏهن به اليڪشن کان ڀڄڻ وارو رستو اختيار نٿي ڪري جهڙي طرح هن وقت اپوزيشن جون پارٽيون ڀڄي رهيو آهن ڪنهن کي پاڪستان ۾ غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ نٿا چاهيون ان تي جيتري گهٽ ڳالهه ٿئي اوترو بهتر آهي سومر تي صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اپوزيشن چئي رهي هئي ته شهزاد اڪبر ملڪ ڇڏي ويو آهي شهزاد اڪبر اسان سان گڏ بيٺو آهي هن چيو ته اپوزيشن سپريم ڪورٽ تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هن چيو ته پاڪستان جو مفاد آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو احترام ڪيو وڃي هن چيو ته اپوزيشن 22 ماڻهن کي پنهنجي پارٽي ۾ هارس ٽريڊنگ جي ذريعي شامل ڪيو ڇا هي آئين جو حصو هو اپوزيشن آئين جا بکيا اڍيڙڻ ۾ ڪائي ڪسر ناهي ڇڏي هن چيو ته پاڪستان جو عوام اليڪشن لاءِ تيار آهي فواد چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق اسان اڳيان وڌنداسين پر جيڪڏهن سپريم ڪورٽ تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان مزاحمت ڪنداسين هن چيو ته اسان خط جو تفصيل عوام جي سامهون نه رکون وفاقي وزير چيو ته پارليماني سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ اپوزيشن اڳواڻن کي شرڪت جي دعوت ڏني پر اهي نه آيا هن چيو ته شهبازشريف چيو آهي ته هو نگران سيٽ اپ اپ پراسس جو حصو نه بڻجندو هن چيو ته نگران سيٽ اپ لاءِ صدر پاران لکيل خط لاءِ اسان پنهنجا ٻه نالا اماڻي ڇڏيا آهن شهبازشريف جيڪڏهن وزيراعظم لاءِ نالا نٿو ڏي ته ان مان هڪ نالو فائينل ٿي ويندو هن چيو ته شهبازشريف صلاح مشوري جو حصو نٿو بڻجي ته هي سندس پنهنجي مرضي آهي سڄو ملڪ اليڪشن لاءِ تيار آهي 90 ڏينهن اندر اليڪشن ٿيڻي آهي سينيٽر فيصل جاويد چيو ته اسان جشن ملهائي رهيا آهيون قوالين جو بندوبست آهي ان جو هڪ سبب آهي اڄ کان ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت هئي هن چيو ته اڌ کان وڌيڪ وقت ڪرونا ۾ گذاريو مهانگائي جو مسئلو هو اسان ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي آهي پي ڊي ايم هڪ بيروني سازش ۽ بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي احسان ڪيو اسان جي ورڪرز ۾ نئين طاقت آئي هن چيو ته هي گهڻي عرصي کان جلد اليڪشن ڪرائڻ لاءِ چوندا هئا اسان چيو هاڻي اچو اليڪشن ۾ ۽ هي هاڻي ڀڄي رهيا آهن هن چيو ته عالمي 3 ايجنٽ سازش ڪري آيا ۽ عمران خان ان کي ناڪام نالو ڏنو آهي اسان اليڪشن جي تياري ڪري رهي ااهيون اسان نظرياتي ڪارڪنن کي ترجيح ڏينداسين ۽ ڪارڪنن کي به درخواست ڪري رهيو آهيان هن چيو ته اليڪشن مشينن تي ٿيندي جنهن سبب صاف شفاف اليڪشن ٿيندي اورسيز پاڪستان سولائي سان ووٽ ڏئي سگهندا شهباز گل چيو ته آرٽيڪل 6 لاڳيتو ٻڌايو پيو وڃي هن کان اڳ آرٽيڪل 5 به آهي اسان به عدالت کي اپيل ڪنداسين بلاول ۽ زرداري واشنگٽن ۾ ڪنهن ڪنهن سان ملاقات ڪئي ڇا بلاول جي ڪنهن عهديدار سان ملاقات ٿي هئي راجا رياض کي گهر ۾ ڪوئي ٻيو ڀيرو ٻوڙ به نٿو ڏي هو اتي ڪنهن سان ملي رهيو هو ڇا نوازشريف اسرائيلي ماڻهن سان ملندو رهيو آهي يا نه؟

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *