شهباز شريف جي وزير اعظم سان ملاقات، جمهوريت ۽ حڪومت کي ڪمزور ڪندڙ ناڪام ٿيندا: نواز شريف

لاهور (م.ڊ) وزيراعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته حڪومت جو پورو ڌيان ملڪ کي بجلي جي لوڊشيڊنگ سميت تمام بحرانن مان نجات ڏيارڻ تي ڏنل آهي، عوام سان ڪيل هر واعدو پاڙينداسين، جمهوريت ۽ حڪومت کي ڪمزور ڪندڙ ناڪام ٿيندا، پاڪستاني عوام جمهوريت ۽ حڪومت سان گڏ آهي، عوام کي ڪنهن به سطح تي اڪيلو نه ڇڏينداسين، پنجاب حڪومت ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ قدم وڌيڪ تيز ڪري، محرم ۾ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا وڃن، ملتان سانحي جي شفاف انڪوائري ڪري ذميدارن خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي وڃي. هو پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو جڏهن ته ان موقعي تي ملڪ جي موجودهه سياسي صورتحال، تحريڪ انصاف جي ملتان واري جلسي ۾ پيش آيل ناخوشگوار واقعي، ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ محرم ۾ سيڪيورٽي انتظامن سميت ٻين معاملن تي به ڳالهايو ويو ۽ وڏي وزير ان حوالي سان کنيا ويندڙ قدمن کان وزيراعظم نواز شريف کي بريفنگ ڏني آهي جڏهن ته ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته حڪومت جي راهه ۾ رڪاوٽون اٽڪائيندڙ اصل ۾ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جا دشمن آهن پر حڪومت عوام جي مدد سان ملڪ کي نه صرف تمام بحرانن مان نجات ڏياريندي پر اسان ملڪ کي به ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي هلائينداسين. هن چيو ته احتجاجي ڌرڻن جي سياست ڪندڙن جا اصل مقصد قوم سامهون اچي چڪا آهن ۽ عوام به اهڙن ماڻهن جو ساٿ ناهي ڏئي رهيو جنهن سبب اهي پاڻ ئي مايوسي جو شڪار ٿي چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *