شهباز تاثير ساڍن 4 سالن کانپوءِ پنهنجي گهر پهچي ويو، جگر جي ٽڪري کي ڏسندي امڙ لڙڪ روڪي نه سگهي، جذباتي منظر

لاهور (م.ڊ) پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جو پٽ شهباز تاثير ڪوئيٽا مان بازياب ٿيڻ کانپوءِ خاص اڏام ذريعي لاهور پنهنجي گهر پهچي ويو، لاهور ايئرپورٽ تي شهباز تاثير جي زال سوڌو ٻين گهر ڀاتين آجيان ڪئي، ان موقعي تي شهباز جي امڙ پنهنجي جگر جي ٽڪري کي ڏسندي ئي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو ۽ خوشي جا ڳوڙها وهائيندي کيس چميون ڏيندي رهي،جنهن سبب ماحول جذباتي نظر آيو، شهباز تاثير کي ايئرپورٽ کان گهر اماڻڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بلٽ پروف گاڏي استعمال ڪئي وئي، جڏهن ته سندس قافلي ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جون گاڏيون به شامل هيون، اٽڪل ساڍن چئن سالن کانپوءِ پنهنجي گهر پهچڻ تي شهباز تاثير سڀني مائٽن سان هڪ هڪ ٿي مليو، جتي پڻ جذباتي نظر اچي رهيا هئا.  شهباز تاثير کي گذريل ڏينهن ڪوئيٽا جي علائقي ڪچلاڪ مان بازياب ڪرايو ويو هو، جنهن کي لاهور پهچائڻ لاءِ راولپنڊِي مان خاص جهاز ڪوئيٽا اماڻيو ويو ، جنهن کانپوءِ کيس خالد ايئربيس تان خاص جهاز ذريعي لاهور روانو ڪيو ويو، لاهور ايئرپورٽ تي حڪومت پاران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ، جڏهن ته شهباز تاثير جي گهر ٻاهران به واڌو سيڪيورٽي جٿا مقرر ڪيا ويا آهن، واضح هجي ته شهباز تاثير کي 2011ع ۾ اغوا ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *