شنگهائي تعاون تنظيم پاڪستان کي ميمبرشپ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) شنگهائي تعاون تنظيم پاڪستان کي ميمبرشپ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پرڏيهي وزارت جي ترجمان قاضي خليل پاڪستان کي ايس سي او جي ميمبرشپ ڏيڻ جي تصديق ڪئي آهي، هي فيصلو جمعي تي روس جي شهر اوفا ۾ تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن ۽ حڪومت جي سربراهن جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، تنظيم ڀارت کي به ميمبرشپ ڏيڻ جي منظوري ڏني، چيني صدر شي جن پنگ چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم ۾ پاڪستان ۽ ڀارت شامل ٿيڻ سان هي تنظيم وڌيڪ فعال ٿيندي ۽ ميمبرن ملڪن وچ ۾ هر شعبي ۾ تعاون وڌندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *