شلپا شيٽي جو مڙس کان عليحدگي جو فيصلو

نئين دهلي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره شلپي شيٽي جي حوالي دعويٰ سامهون اچي رهي آهي ته هن پنهنجي مڙس ۽ مشهور بزنس مين راج ڪندرا کان علحدگي جو فيصلو ڪيو. ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي ته شلپا شيٽي جي ويجهي دوست ٻڌايو آهي ته اداڪاره مڙس راج ڪندرا کان علحدگي جي تياري ڪري رهي آهي، ان حوالي سان جوڙي جي زندگي بابت خطرناڪ انڪشاف سامهون اچي رهيا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب شلپا شيٽي کي سندس مڙس جي دولت بابت هاڻ پتو آهي ۽ هوءَ سمجهي ٿي ته سندس مڙس غير قانوني طور سان پئسو ٺاهيو آهي ۽ ناجائز دولت ٻارڙن ۾ منتقل نه ٿيڻ گهرجي، ان ڪري هوءَ مڙس کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *