شعيب ملڪ ملڪي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڪاميابيءَ جو ڪريڊٽ ثانيه مرزا کي ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شعيب ملڪ ملڪي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڪاميابيءَ جو ڪريڊٽ ثانيه مرزا کي ڏئي ڇڏيو. شعيب ملڪ چيو ته اهڙو به وقت ايندو آهي جڏهن توهان جا خيالن ۽ احساسن بابت ٽيم ۾ ڪنهن سان ڳالهائي نه ٿا سگھو، ان دوران مان ثانيه مرزا جو ساٿ ملڻ تي پاڻ کي ڪافي خوش قسمت سمجھيو. مان هن سان رانديگر طور خيالن جي ڏي وٺ ڪندو آهيان ۽ سٺيون صلاحون وٺندو آهيان. مان ڄاڻان ٿو ته هو ڪيتري سخت محنت ڪندي آهي. ان شيءَ مون کي ڪرڪيٽ ۾ فائدو پهچايو ۽ مان پاڪستاني ٽيم ۾ ڪاميابيءَ سان ڪم بيڪ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *