شعيب اختر شاهد آفريدي جي ڪتاب تي ڪهڙو ڏنو ردعمل

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي ڪتاب تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پنهنجي  زندگي جي بايوگرافي ”گيم چينجر“ ۾ ليجنڊري بيٽس  مين جاويد ميانداد ۽ انضمام الحق سميت ڪيترن سينيئر رانديگرن کي تنقيد جو نشانو/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 02

بڻايو آهي. شاهد جي ڪتاب تي جاويد ميانداد رد عمل ڏيندي چيو هو ته شاهد آفريدي رڳو پنهنجي ڪتاب جي مشهوري لاءِ ائين ڪري رهيو آهي. جاويد ميانداد جو چوڻ هو ته شاهد آفريدي جي ڪتاب جون ڳالهيون ٻڌي کل ايندي آهي. گذريل ڏينهن قومي ٽيم جي اڳوڻي اوپنر عمران فرحت شاهد آفريدي جي ڪتاب کي افسوس جوڳو قرار ڏنو هو ۽ هاڻي شعيب اختر به شاهد آفريدي جي ڪتاب تي سوشل ميڊيا تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته شاهد آفريدي سينيئرن جي سخت رويي تي جيڪو لکيو آهي، حقيقت ان کان به وڌ آهي، آفريدي کي ان  بابت ڪجهه وڌيڪ چوڻ گھرجي ها. اڳوڻي فاسٽ بالر وڌيڪ لکيو ته حقيقت ۾ شاهد آفريدي کي اهو سڀ 20 سال ئي چوڻ گھرجي ها، شاهد آفريدي درست وقت تي اها ڳالهه ڪئي هجي ها ته هن کي ڪتاب لکڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *