شرڌا ڪپور نئين فلم ”هاف گرل فرينڊ“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪاره شرڌا ڪپور نئين فلم ”هاف گرل فرينڊ“ ۾ اداڪاره پرينيتي چوپڙا جي جاءِ تي مرڪزي ڪردار ادا ڪندي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب اداڪاره پرينيتي چوپڙا فلمساز موهت سوري جي فلم ”هاف گرل فرينڊ“ مان آئوٽ ٿي ويئي آهي. جنهن کان پوءِ هاڻي انهيءَ فلم ۾ اداڪاره شرڌا ڪپور پرفارم ڪندي. اداڪاره پرينيتي چوپڙا جي فلم کان عليحدگي جو ڪارڻ منظرعام تي نه اچي سگهيو آهي. فلم جي عڪسبندي جلد شروع ڪئي ويندي. واضح رهي ته شرڌا ڪپور پنهنجي ٻن نين ايندڙ فلمن ”راڪ آن 2“ ۽ ”باغي“ جي عڪسبندي ۾ مصروف آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *