شرڌا ڪپور شڪتي ڪپور سان ڪڍرايل سيلفي انسٽاگرام تي جاري ڪري ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار شرڌا ڪپور پنهنجي پيءُ شڪتي ڪپور سان ڪڍرايل سيلفي انسٽاگرام تي جاري ڪئي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ اداڪاره شرڌا ڪپور سماجي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيءُ سان گڏ ڪڍرايل سيلفي انسٽاگرام تي جاري ڪئي آهي. اداڪاره جو انسٽاگرام تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته شڪتي ڪپور سندس پيءُ نه بلڪ سٺو دوست آهي. سندس زندگيءَ جو اهم حصو آهي. اڄ هوءَ جنهن مقام تي اهي پيءُ جي خوداعتماديءَ سبب آهي. اداڪاره جي نئين فلم ”هاف گرل فرينڊ“ آهي جيڪا 19 مئي تي سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *