شرڌا ڪپور سنجي ليلا ڀنسالي سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور چيو آهي ته هوءَ سنجي ليلا ڀينسالي سان ڪم ڪرڻ چاهي ٿي، ڀارتي خابرو اداري سان ڳالهائيندي شرڌا ڪپور چيو ته ڪيترائي اهڙا فلمساز آهن، جن سان گڏ مان ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي، مان انهن جي آڇ جو انتظار ڪري رهي آهيان، هن چيو ته مونکي سنجي ليلا ڀنسالي سان گڏ ڪم ڪرڻ جو انتظار آهي،ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ منهنجو خواب آهي ۽ مونکي اميد آهي ته اهو ِضررور ساڀيان ٿيندو،پنهنجي پهرين ناڪام فلم تين پتي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ شرڌا ڪپور چيو ته ان وقت شيون مختلف هيون،تين پتي کانپوءِ ڪوبه مونکي فلمن جي آڇ نه ڪري رهيو هو، ناڪام فلم کان شروعات ڪرڻ سبب ڪنهن کي به مون تي اعتماد نه رهيو هو پر ڪجهه ماڻهو هئا جن کي مون تي اعتبار هو، جن ۾ عاشقي 2 جو هدايتڪار موهت سوري به شامل آهي، اڄ مان توهان سڀني جي سامهون آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *