شرڌا به ڪنوار بڻجڻ لاءِ تيار، ماءُ پاران شادي جون تياريون، شڪتي بي خبر

 

ممبئي (شوبز نيوز) سال 2017 ۽ 2018 بالي ووڊ ۾ شادين جو سال رهيو ۽ گذريل ٻن سالن ۾ انوشڪا شرما، دپيڪا پڙوڪون، پريانڪا چوپڙا ۽ نيها ڌوپيا جهڙين ٽاپ اداڪارائن شادي ڪئي جڏهن ته اطلاع آهن ته عاليه ڀٽ، ورون ڌون، رنبير ڪپور، سشميتا سين، ملائيڪا اروڙا ۽ ارجن ڪپور به جلد شادي ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا جڏهن ته ڪنهن به شادي جي تصديق ناهي ڪئي. رپورٽن موجب ٻين بالي ووڊ شخصيتن جيان بالي ووڊ ولن شڪتي ڪپور جي شرميلي ڌيءَ شرڌا ڪپور به ڪنوار بڻجڻ لاءِ تيار آهي. اطلاعن آهن ته شرڌا ڪپور ايندڙ سال تائين شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندي. شرڌا ڪپور ايندڙ سال پنهنجي دوست فوٽو گرافر روهن شريسٿا سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندي. ٻنهي وچ ۾ گذريل ٻن سالن کان لاڳاپا آهن ۽ ٻنهي کي مختلف وقتن تي گڏ ڏٺو ويو آهي. ذريعن موجب ٻنهي پنهنجي لاڳاپن کي رشتي ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ جلد ئي ٻئي ان حوالي سان اعلان ڪندا. ڀارتي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته شرڌا ڪپور طرفا ڪنوار بڻجڻ جي رضامندي تي سندس ماءُ به خوش آهي ۽ ڌيءُ جي شادي جون تياريون به شروع ڪري ڇڏيون آهن.ٻئي طرف بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار شڪتي ڪپور پنهنجي نياڻي اداڪارا شرڌا ڪپور جي شادي وارين خبرن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته منهنجي ڌيءَ جي شادي ٿي رهي آهي ۽ مونکي خبر ئي ناهي.بالي ووڊ ۾ اڄڪلهه اداڪارا شرڌا ڪپور جي شادي جا چرچا ٿي رهيا آهن ۽ چيو پيو وڃي ته شرڌا ايندڙ سال فوٽوگرافر روهن شريشٿا سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندي.  پرڏيهي ميڊيا ايستائين چئي رهي آهي ته شرڌا ڪپور جي شادي جون تيارين جي شروعات به ٿي چڪي آهي، پر حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته شڪتي ڪپور پنهنجي نياڻي جي شادي کان واقف ئي ناهي.ان ڏس ۾ جڏهن شڪتي ڪپور سان ڳالهه ڪئي وئي ته پهريان ته هو پنهنجي نياڻي جي شادي جي خبر ٻڌي حيران ٿي ويو، بعد ۾ هن چيو ته ڇا اهو سچ آهي منهنجي ڌيءَ شادي ڪري رهي آهي؟ مهرباني ڪري مونکي شادي جي دعوت ڏيڻ نه وسارجو.شڪتي ڪپور وڌيڪ چيو ته مونکي ٻڌايو ته اها شادي ڪٿي ٿي رهي آهي، آئون ضرور ويندس، مان شرڌا ڪپور جو پيءُ آهيان ۽ مونکي ئي نياڻي جي شادي جي خبر ناهي تنهنڪري مونکي ان باري ۾ ٻڌايو.شڪتي ڪپور جي ان ردعمل مان صاف ظاهر آهي ته شرڌا جي شادي جون خبرون افواهن کانسواءِ ڪجهه ناهن جڏهن ته اداڪارا طرفان به سندس خبرن جا ڪا تصديق ناهي ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *