شرپسندن جي پاڪ چين لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪنهن به سازش کي گڏجي ناڪام بڻائينداسين:پاڪ-چين

اسلام آباد (اين اين آءِ) چين جي پرڏيهي سلامتي معاملن واري کاتي جي ڪونسلر وينگ ڊيڪشيووم چيني ناظم الامور سان گڏ گهرو وزير رانا ثناءُالله سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ چين ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن ۽ پاڪستان ۾ موجود چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي يقيني بنائڻ جي حوالي سان قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ملاقات ۾ اهوعزم ڪيو ويو ته ڪراچي دهشتگردي جهڙن واقعن سان پاڪستان ۽ چين وچ ۾ لاڳاپا متاثر نه ٿيندا ملاقات ۾ سيڪيورٽي کي يقيني بنائڻ لاءِ گهرو وزارت ۽ چيني سفارتخاني جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ موثر بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو گهرو وزير ڪراچي يونيورسٽي دهشتگردي واقعي ۾ چيني شهرين جي جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو چيني ڪائونسلر چيو ته چين پاڪستان سانجاري ترقياتي منصوبن ۾ مالي ۽ ٽيڪنيڪي معاونت جاري رکندو چيني ڪائونسلر چيو ته چيني قيادت پاڪستان ۽ چين جي عوام وچ ۾ لاڳاپن کي قدر جي نگاههس ان ڏسي ٿي هن چيو ته شرپسندن جي پاڪ چين لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪنهن به سازش کي گڏجي ناڪام بڻائينداسين هن چيو ته خواهش آهي ته ڪراچي يونيورسٽي دهشتگردي واقعي جي جاچ جلد مڪمل ٿئي ۽ جوابدار پنهنجي انجام تي پهچن. رانا ثناءُالله چيو ته پاڪستان ۾ موجود چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ رياست سموري وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي هن چيو ته وزيراعطم شهبازشريف چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي معاملن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي هن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي دهشتگردي واقعي ۾ ملوث سمورن ڪردارن کي سزا ڏينداسين هن چيو ته گهرو وزارت ۾ فارن نيشنل سيڪيورٽي سيل قائم ڪيو ويو آهي هن چيو ته ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو مقصد پاڪستان ۾ پرڏيهي رهواسين خاص ڪري چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ موثر رابطو ڪرڻ آهي هن چيو ته سي پيڪ منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني رهواسين لاءِ فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا آهن هن چيو ته دهشتگردي جا اهرا واقعا نه ٿين تنهنڪري وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ڪوآرڊينيشن کي بهتر بڻايو پيو وڃي هن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾لاڳاپا تاريخي ۽ انتهائي پراڻا آهن دشمنن جي ٻطرفي لاڳاپا خراب ڪرڻ جي سازشنکي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين ملاقات ۾ گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر به شريڪ ٿيو گهرو سيڪريٽري ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪي ۾ چيني شهرين جي موت تي ڏک جو اظهار ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *