شريف فيملي نيب ۽ اعليٰ عدليه کي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته شريف ڪٽنب نيب اعليٰ عدليه کي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، عوام هاڻ سندن ڊڪٽيٽرشپ ۽ فرعونيت کي قبول نه ڪندو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئٽ ڪندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ هو ته اربين رپين جي ڪرپشن ظاهر ٿيڻ کان پوءِ شريف خاندان نيب ۽ اعليٰ عدليه کي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن اهو عمل انتهائي شرم جوڳو ۽ قبول نه ڪرڻ جوڳو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عوام شريف فيملي جي ڊڪٽيٽرشپ ۽ فرعونيت کي هاڻ وڌيڪ قبول نه ڪندو جيڪا گذريل 30 سالن کان جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *