شريف خاندان 2 ارب ڊالر ڏيڻ جي آڇ ڪئي ۽ هڪ ملڪ کي به وچ ۾ وڌو: فيصل واوڊا جي دعويٰ

اسلام آباد (اين اين آءِ/  ويب ڊيسڪ ) پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته شريف خاندان طرفان 2 ارب ڊالر ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي. هڪ انٽرويو ۾ فيصل واوڊا چيو ته عمران خان جي سياست جو طريقو اهو آهي ته ڏوهاري کان پئسا اوڳاڙيا وڃن ۽ کيس سزا به ڏني وڃي. هن چيو ته شريف خاندان مختلف ذريعن کان پئسن جي آڇ ڪئي ۽ هڪ ملڪ کي وچ ۾ به وڌو جنهن سان معذرت ڪئي وئي جڏهن ته 2 ارب ڊالر جي آڇ به ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر بار بار حڪومت ڊاهڻ جي ڳالهه ڪري ٿي پر ڪيرائي نه ٿي سگهي. فيصل واوڊا چيو ته جيڪڏهن نواز شريف 7 ارب ڊالر جي ڳالهه ڪري ته اسان وزيراعظم کي درخواست ڪنداسين تي معاملي تي غور ڪري. وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته هٿين خالي مظلوم ڪشميرين تي پيلٽ گن جي استعمال ڀارت کي بينقاب ڪري ڇڏيو آهي ڪشميرين سان پاڪستانين جو رت جو رشتو آهي بيگناهه ڪشميري نوجوانن ڀائرن ۽ ڀينرن جو رت رائيگان نه ويندو اڱاري تي ڪشمير ڊي تي پنهنجي پيغام ۾ ڀارت پاران ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف روزين جي سخت مذمت ڪندي هن چيو ته هٿين خالي ڪشميرين تي پيلٽ گن جي استعمال ڀارت کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪيترائي بيگناهه ڪشميري پيلٽ گن جو نشانو بڻيا آهن هن ڀارتي فوج پاران ڪشميرين مائرن ڀينرن جي بي حرمتي کي ناقابل قبول قرار ڏيندي چيو ته ڪشمير ۾ سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويٰ ڪندڙ ڀارت جي حقيقت جو پول پڌرو پڌرو ٿي وڃي ٿو هن چيو ته ڀارت ڪشمير تي قبضو ڪيو آهي هزارين بيگناهه ڪشميرين آزادي جي جدوجهد ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن پر بيگناهه ڪشميري نوجاونن ڀائرن ۽ بينرن جو رت رائيگان نه 0يندو هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ڀارت تي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ زور وجهي ڪشميرين سان پاڪستانين جو رت جو رشتو آهي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ موجوده حڪومتي دور ۾ ڪشمير مسئلي تي واضح اڳڀرائي ٿيندي ۽ پاڪستان بيگناهه ڪشميرين جي پرامن آزادي جي جدوجهد جي هميشه وانگر حمايت جاري رکندو پاڪستان ڪشمير تي ڪڏهن به ڪنهن قسم جي سوديبازي نه ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *