شريف خاندان عدليه مٿان حملي جي منصوبه بندي ڪئي، جيڪو ڪجهه به هو اهو اعتراض جوڳو ۽ طئي ٿيل هو: شهزاد اڪبر

اسلام آباد(م.ڊ) وزيراعظم جي خاص صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته شريف خاندان عدليه مٿان حملي جي منصوبه بندي ڪئي، جيڪو ڪجهه به هو اهو اعتراض جوڳو ۽ اڳ کان طئي ٿيل هو.  وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر ٽوئٽر پيغام ۾ چيو آهي ته انڪشاف ٿيو آهي ته نوازشريف راڻا شميم کان حلف نامي تي صحيحون ڪرايون. وڏو سوال اهو آهي ته صحافي کي اعتراض جوڳو حلف نامو ڪنهن ڏنو.؟  راڻا شميم چيو هو ته حلف نامو سيف ۾ آهي، ڇا ان تي ڀروسو ڪري سگهجي ٿو. هوڏانهن ان معاملي بابت مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته راڻا شميم(ن) ليگ جي وڪيلن جي ونگ جو عهديدار آهي، اها ڳالهه ان جي پٽ پاڻ ٽي وي تي مڃي آهي. نوازشريف عدليه تي حملا ڪيا، حلفيه بيان به پنهنجي موجودگي ۾ قلمبند ڪرايو، اهو وڏو انڪشاف آهي. ان لاءِ ته کيس گاڊ فادر چيو ويو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *