شريف خاندان طرفان زلزلي متاثرن لاءِ برطانوي امداد ۾ به گهوٻين جو انڪشاف، برطانيا جي ترديد

لنڊن (اين اين آءِ) برطانوي اخبار پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته شهباز شريف جو خاندان برطانيا ۾ مني لانڊرنگ ۾ ملوث رهيو آهي جنهن تي برطانيا شهباز شريف جي دور ۾ ڏنل ڪروڙين پائونڊ امداد جي جاچ جو فيصلو ڪري ڇڏيو برطانوي اخبار ڊيلي ميل هڪ آرٽيڪل ڇپيو جنهن ۾ چيو ويو ته جاچ ڪندڙن دعويٰ ڪئي ته شهباز شريف جو خاندان برطانيا ۾ مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهي رپورٽ موجب شهباز شريف جي حڪومتي دور ۾ برطانوي حڪومت پنجاب لاءِ 500 ملين پائونڊ امداد ڏني جاچ ادارن موجب شريف خاندان اها رقم مني لانڊرنگ ۾ استعمال ڪئي جنهن تي برطانوي ڊپارٽمينٽ فار انٽرنيشنل ڊولپمينٽ پاران به مبينا مني لانڊرنگ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي برطانوي اداري ٻڌايو ته فنڊ فراهم ڪرڻ وقت خبر هئي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن گهڻي آهي ان جي هوندي به پاڪستان کي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فنڊ ڏنا ويا پاڪستان کي ساليانو 463 ملين پائونڊ جي رقم فنڊ طور ڏني برطانوي اخبار موجب مني لانڊرنگ ۾ ملوث شريف خاندان جي فرنٽ مين آفتاب محمود شريف خاندان لاءِ ڪروڙين پائونڊ جي مني لاندرنگ جو اعتراف ڪري ورتو آفتاب محمود چيو ته شريف خاندان لاءِ برمنگهم آفيس جي ذريعي مليل ڊالرز جي مني لانڊرنگ ڪئي برطانوي حڪومت پاران موڪليل رقم مان هڪ ملين پائونڊ شهباز شريف جي ناٺي کي ڏنو ويو غريب عورتن کي غربت مان ڪڍڻ ۽ صحت جي سهولتن لاءِ مليل رقم ۾ به گهوٻيون ڪيون ويون اها رقم برطانوي ٽيڪس پيئرز کان وٺي رڳو مدد لاءِ موڪلي وئي هئي جاچ ادارن هن رقم بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي مني لانڊرنگ ڪيل رقم پاڪستان مان برمنگهم موڪلي ويندي هئي برمنگهم مان فرنٽ مين جي ذريعي اها رقم شريف فيملي جي بينڪ اڪائونٽس ۾ منتقل ٿيندي هئي. ٻئي طرف برطانيا جي حڪومت شريف خاندان پاران زلزلي سٽيلن جي رقم چوري ڪرڻ بابت ڊيلي ميل جي خبر جي ترديد ڪري ڇڏي آهي برطانوي اخبار ڊيلي ميل پنهنجي خبر ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته شهباز شريف جي حڪومتي دور ۾ برطانوي امدادي اداري پاران پنجاب حڪومت کي 50 ڪروڙ پائونڊ ڏنا ويا هئا جنهن مان رقم چوري ڪئي وئي برطانوي حڪومت پاران ڊپارٽمينٽ آف انٽرنيشنل ڊولپمينٽ جي ترجمان جو بيان جاري ڪيو ويو آهي ڊي ايف آءِ ڊي موجب ڊيلي موجب پنهنجي اسٽوري کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ گهٽ ثبوت پيش ڪيا. برطانيا پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته 2005 جي زلزلي کانپوءِ برطانيا پاران پنجاب حڪومت جي ارٿ ڪوئيڪ رليف اينڊ ري ڪسنٽرڪشن اٿارٽي اسڪولن جي اڏاوت لاءِ امداد موڪلي هئي. جنهن جو آڊٽ به ڪيو ويو ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته برطانوي ٽيڪس ڏيندڙن جو پيسو بلڪل ٺيڪ جڳهه تي خرچ ٿيو ۽ ان امدادي رقم جي ذريعي زلزلي متاثرن جي مدد ڪئي وئي. اسان پراعتماد آهيون جو برطانوي ٽيڪس ڏيندڙن جي پيسي کي فراڊ کان محفوظ رکيو ويو.  هوڏانهن  مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف خلاف خبر جاري ڪندڙ ڊيلي ميل جي صحافي ڊيوڊ روز پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊپارمينٽ فار انٽرنيشنل ڊولپمينٽ پاران ترديد جي ڪا به اهميت ناهي شريف خاندان خلاف خبر ڏيندڙ برطانوي صحافي ٽوئيٽر تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته منهنجي شهباز شريف بابت خبر جي بي ايف آءِ ڊي پاران ترديد جي ڪا به اهميت ناهي آرٽيڪل ۾ رڳو ان جي بيان کي ورجايو ويو آهي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته ان ۾ زلزلي بابت فنڊن جو ڪو به ثبوت ناهي ڊيوڊ روز لکيو ته ان کي پڙهو ان ۾ اهو ئي آهي حقيقت لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ۽ پيسن جو زيان آهي هن چيو ته مسلم ليگ (ن) پي ايم ايل اين پاران منهنجي عمران خان سان تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي پئي وڃي ان ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته منهنجو شهباز شريف بابت آرٽيڪل پلانٽيڊ آهي هي تصوير گذريل سال اليڪشن کان اڳ ورتي وئي هئي جڏهن مان عمران خان جو انٽرويو وٺي رهيو هيس ان جو ثبوت هيٺ اسٽوري ۾ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *