شريف خاندان دولت جي لالچ ۾ پاڪستان کي بدنام ڪري ڇڏيو: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد/سيالڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت نواز شريف دور ۾ مشعل اوباما پاران تعليم لاءِ ڏنل فنڊن جي جاچ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته شريف خاندان ملڪيت جي لالچ ۾ پاڪستان کي بدنام ڪري ڇڏيو شهباز شريف اينڊ سنز جو ڪارو ناڻو ۽ مني لانڊرنگ جا وڌيڪ ثبوت ظاهر ٿيا آهن زلزلي سٽيلن لاءِ برطانوي امداد تي شريف خاندان هٿ صاف ڪيا برطانوي اخبار ۾ هڪ هڪ لفظ جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ رپورٽ جاري ڪئي وڃي ٿي مريم صفدر هاڻي ان کي حڪومت جي انتقامي ڪارروائي نه چئي سگهندي برطانوي اخبار جي خبر شريف خاندان جي هڪ خلاف هڪ ٽريلر آهي ٻه سياسي اداڪار سياسي ٿيٽر لڳائين ٿا جن جي ڳالهه گهرڀاتي به نه ٿا ٻڌن واپاري تنظيمن کي چوان ٿي ته ڪنهن جي ذاتي مفادن جو حصو نه بڻجو حڪومت جا ٻانهن ٻيلي بڻجي ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍو ملڪ سڌارن کان سواءِ نه ٿو هلي سگهي. آچر تي هتي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف جي قيادت ملڪ جو وڃايل عزت بحال ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي پاڪستان جي سبز پاسپورٽ کي سڄي دنيا ۾ عزت ڏيارينداسين هن چيو ته وزيراعظم پاڪتسان جي عوام جي حقن لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيو آهي هن چيو ته مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جو ماهر خاندان برطانيا سان به ٻه هٿ ڪري ويو ان خاندان زلزلي سٽيلن لاءِ برطانوي امداد سان به هٿ صاف ڪيا. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته حديبيه پيپر مل کان شروع ٿيندڙ مني لانڊرنگ جو ڏوهه هاڻي ٽي ٽي تائين پهتو آهي شهباز شريف آڱر کڻي پاڻ کي ڪرپشن کان پاڪ ٻڌائيندو هو هاڻي شريف خاندان جي ڪرپشن عالمي ادارا ظاهر ڪري رهيا آهن ۽ انهن جو پاڪستاني حڪومت سان تعلق ناهي برطانوي اخبار جي رپورٽ سمورن پاڪستانين جا ڪنڌ شرم وچان هيٺ ڪري ڇڏيا آهن هن چيو ته مافيا پهريان ڪرپشن سان پيسا ٺاهيندو آهي ۽ بليڪ ميلنگ ڪري ادارن کي بدنام ڪندو آهي ادارا بدنام ناهن ٿيندا ته ڪرپشن جو سهارو ورتو ويندو برطانوي اخبار جي اسٽوري سمورن پاڪستانين جا ڪنڌ جهڪائي ڇڏيا آهن شريف خاندان جا ڪارناما ظاهر ٿي رهيا آهن. برطانيا اخبار جي خبر شريف خاندان خلاف هڪ ٽريلر آهي. هن چيو ته ملڪيت جي لالچ ۾ سرڪاري عهدن جو استعمال ڪيو ويو شريف خاندان مني لانڊرنگ لاءِ عورتن کي به استعمال ڪيو فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مافيا ڳٺ جوڙ سان پيسو ڪمايو ويو برطانوي اخبار ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا ويا آهن هن چيو ته برطانوي اخبارن ۾ ثبوت کانسواءِ ڪا به خبر جاري ناهي ٿيندي برطانيا زلزلي ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد ڏني هئي هن چيو ته برطانيا شهباز شريف جي ناٺي علي عمران کي 10 لک پائونڊ جي واڌو امداد ڏني هئي 2003 ۾ شريف خاندان جا اثاثا ڏيڍ لک پائونڊ هئا هن چيو ته 2018 ۾ شريف خاندان جا اثاثا 20 ڪروڙ پائونڊ تائين پهتا. ٻئي طرف   احتساب بابت وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته برطانوي اخبار ڊيلي ميل جي رپورٽ ۾ جنهن پئسي جو ذڪر ڪيو ويو آهي اِهو اُهو ئي پئسو آهي، جيڪو شهباز شريف جي خاندان مني لانڊرنگ ڪري ٻاهر موڪليو. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شهزاد اڪبر چيو ته شريف خاندان خلاف زلزلي ۽ ٻوڏ متاثرن جي فنڊن ۾ گهوٻين جو ڪيس اڳ ئي نيب ۾ جاچ هيٺ آهي، برطانوي اخبار جي رپورٽ ۾ جنهن اڪرم جو ذڪر آهي، اهو نيب سان پلي بارگين ڪري چڪو آهي ۽ اڪرم اقبالي بيان ۾ فنڊن جي رقم شهباز شريف جي ناٺي کي ڏيڻ جو اعتراف ڪيو. سندس چوڻ هو ته سليمان شهباز ۽ علي عمران ان ئي ڪيس ۾ مفرور آهن، اهو ڪيس ٻاهرين قرضن ۽ امداد جي ڪميشن کي به موڪليو ويندو. شهزاد اڪبر موجب برطانوي اخبار شهباز شريف جي مني لانڊرنگ جو سنگين انڪشاف ڪيو آهي، ان کانپوءِ ن ليگ جو ردعمل هر لحاظ کان پاناما ليڪس جهڙو آهي، پاناما ليڪس جي جاچ ٿي ته قوم سچ کي ڪوٽ کان مختلف ڏٺو. هن چيو ته شهباز شريف جي اولاد مان جنهن کي شوق آهي عدالت سان رابطو ڪري، سچ سامهون اچي ويندو، منهنجو چئلينج آهي ته اهي ڪڏهن به ائين نٿا ڪري سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *