شرمين عبيد پاڪستاني عورتن جو ڪيس بهادري سان کنيو آهي،اسان جو ملڪ پنهنجي بهادر ۽ ذهين ڌيءَ تي فخر ڪري ٿو:بلاول ڀٽو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پاڪستاني صحافي ۽ فلمساز شرمين عبيد چنائي کي غيرت جي نالي تي عورتن جي قتل واري موضوع تي سندس ٺهيل فلم کي آسڪر ايوارڊ ملڻ تي مبارڪباد ڏني آهي، شرمين عبيد چنائي جي تيزاب هاري زخمي ڪيل عورتن جي زندگي تي ٺاهيل هڪ ٻي فلم 2012ع ۾ آسڪر ايوارڊ ماڻي چڪي آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شرمين عبيد پاڪستاني عورتن جو ڪيس بهادري سان کنيو آهي ۽ اسان جو ملڪ پنهنجي بهادر ۽ ذهين ڌيءَ تي فخر ڪري ٿو، هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو به اهوئي مشن ۽ خواب هو ته پاڪستاني عورتون نه صرف ملڪي سطح تي پرعالمي سطح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ سماج ۾ مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلن، شرمين عبيد جي ڪاميابي ان ڳاله جو واضح ثبوت آهي ته پاڪستاني عورتون شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خواب جي ساڀيان طرف گامزن آهن، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ئي ملڪ جي واحد جماعت آهي جنهن ملڪ ۾ پهريون ڀيرو آئيني ۽ قانوني تحفظ سان گڏ عورتن کي مخصوص سيٽن ذريعي پارليامينٽ جو ميمبر بڻايو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع جي آئين تحت پارليامينٽ ۾ عورتن جي لاءِ مخصوص سيٽون رکڻ جو تصور ڏنو۽ بعد ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جنرل سيٽن تي پڻ عورتن کي نامزد ڪيو، شهيد محترمه بينطير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم آهي، عورتن کي پهريون ڀيرو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جو اعزاز به پيپلزپارٽي ڏنو،هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ ۾ عورتن جي لاءِ فرسٽ وومين بينڪ، عورتن جي لاءِ ڌار پوليس ٿاڻا قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ هاءِ ڪورٽن ۾ عورتن کي جج مقرر ڪيو۽ ان سان گڏ عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ سماج ۾ بنا فرق ۽ مت ڀيد جي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ کين ملڪ جي مختلف شعبن ۾ اعليٰ عهدن تي مقرر ڪيو۽ سندن قائدانه صلاحيتن کي اجاگر ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته غيرت جي نالي تي قتل معاشري جي لاءِ داغ آهي، نوازشريف حڪومت غيرت جي نالي تي عورتن جي قتل خلاف قانونسازي جي معاملي کي سنجيدگي سان ڏسي ۽ ان حوالي سان  گذريل سال سينيٽ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان پيش ڪيل بل ۾ فوري طور وڌيڪ ڪارروائي لاءِ اڳڀرائي ڪئي وڃي، هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي مشن کي اڳتي وڌائيندي عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ کين سمورن شعبن ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ڏيارڻ جي لاءَ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *