شرجيل ۽ عاصم جي معاملي تي پيپلز پارٽي سان ڪا ڊيل ناهي ٿي: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته خواهش تي جنرل ڪيانيءَ کي مدي ۾ واڌ ڏني وئي، شرجيل ۽ عاصم جي معاملي تي پيپلز پارٽي سان ڪا ڊيل ناهي ٿي، هن چيو ته نعيم الحق جي بيان تي تبصرو به نٿو ڪرڻ چاهيان، اهو ڌيان جي لائق ناهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ وٽ ثبوت آهن، ته اهي عدالت ۾ وڃن، هن چيو ته جنرل (ر) راحيل شريف مدت ۾ واڌ جي درخواست نه ڏني هئي، اسان جي ڪجهه ساٿين جي راءِ هئي ته جنرل (ر) رحيل شريف جي مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي، ميان صاحب جون جنرل (ر) راحيل شريف جي واڌ واري معاملي تي ڪي ٻه راءِ نه هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *