شرجيل ميمڻ ٽنڊو ڄام ۽ آسپاس ۾ 8 سولر آر او پلانٽس جو افتتاح ڪري ڇڏيو , پ پ حڪومت عوام کي پيش ايندڙ مسئلن جي پاڙ پٽي ڇڏيندي: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد(بيورو ) بلديات ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي صوبي جي عوام جي مثالي خدمت ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته پ پ پ ملڪ جي واحد جمهوري ۽ عوام دوست سياسي پارٽي آهي جنهن نه فقط عوام کي درپيش مسئلن جو جڙ کان خاتمو آندو آهي پر ملڪي معيشت کي مضبوط بڻائيندي ترقي جي هڪ نئين سفر جو آغاز پڻ ڪيو آهي. هن اهڙو اظهار پي ايس 50 جي مختلف علائقن ۾ ساڍا 9 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان تعمير ڪيل 8 آر او پلانٽس جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. پنهنجي مختصر دوري دوران صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پي ايس50 جي يو سي هوسڙي جي ڳوٺ حرفيل پٽيل، يو سي ٽنڊو حيدر جي ڳوٺ صاحبڏنو هاليپوٽو، بهادر ڪورائي، يو سي سانوڻ خان گوپانگ جي ڳوٺ درياهه خان ناهيون، يو سي موسيٰ کٽياڻ جي ڳوٺ سيد خادم شاهه، يو سي مسو ڀرڳڙي جي ڳوٺ درياهه خان لغاري ۾ مختلف 8 آر او پلانٽس جو افتتاح ڪيو ۽ جاري ترقياتي منصوبن جو جائزو پڻ ورتو. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت حيدرآباد جي ٻهراڙي واري تعلقي کي ماڊل سٽي بڻائن لاءِ ڪيترائي ترقياتي منصوبا شروع ڪيا آهن جن جي مڪمل ٿيڻ سان هن تعلقي جي عوام جي معياري زندگي ۾ انقلابي تبديلي ايندي. هن وڌيڪ چيو ته آر او پلانٽ هن علائقي جي رهواسين جو پراڻو مطالبو هو جيڪو پ پ پ حڪومت پورو ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت ملندي. هن ٻڌايو ته تعلقي ٻهراڙي ۾ وڌيڪ 6 ڳوٺن ۾ 6 آراو پلانٽس جو افتتاح ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ڪيو ويندو جن جو 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي . ان موقعي تي صوبائي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته تعلقي ٻهراڙي جي مختلف ڳوٺن ۾ هڪ ڪروڙ کان ڏيڍ ڪروڙ روپين جي ماليت جا 8 آر او پلانٽ تعمير ڪيا ويا جن جي مجموعي لاڳت ساڍا 9 ڪروڙ روپيا آهي جيڪي شمسي توانائي ذريعي ڪم ڪندا کيس ٻڌايو ويو ته ڄاڻايل آر او پلانٽ 2 مهينن جي مختصر عرصي ۾ مڪمل ڪيا ويا آهن جن ۾ 12 هزار کان 25 هزار گيلن صاف پاڻي جي روزاني بنياد تي گنجائش رکي وئي آهي، هلندڙ مهيني جي آخر ۾ وڌيڪ 6 ڳوٺن ۾ 6 سولر سسٽم آر او پلانٽ مڪمل ٿي ويندا بعد ۾ صوبائي وزير تعلقي جي مختلف علائقن ۾ جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ۽ عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي فوري طور ڪمن کي مڪمل ڪن ۽ ڪم جي معيار کي پڻ يقيني بڻايو وڃي. ان کان اڳ پنهنجي آمد وقت صوبائي وزير پي ايس 50 جي عوام سان ڌار ڌار ملاقاتون پڻ ڪيون ۽ انهن کان درپيش مسئلن جي ڄاڻ ورتي. صوبائي وزير عوام کي خاطري ڪرائي ته سندن مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻ حاجي بدر ميمڻ، عبدالله شورو، وڏيرو ڪريم بخش جهيجو، سيد اڪرم شاهه، سيد شفقت شاهه، روشن شاهه، مولابخش مشوري، حاجي غلام النبي ڪوري ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا.ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *