شرجيل ميمڻ سلطاني شاهد بڻجي چڪو آهي ۽ هاڻ سندس پ پ کان رستا ڌار آهن:نبيل گبول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نبيل گبول دعويٰ ڪئي آهي ته شرجيل ميمڻ سلطاني شاهد بڻجي چڪو آهي ۽ هاڻ سندس پ پ کان رستا ڌار آهن. هڪ انٽرويو ۾ نبيل گبول چيو ته جيستائين ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کان پڇاڳاڇا نه ٿيندي تيستائين عزير بلوچ خلاف ڪارروائي مڪمل نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته سيد قائم علي شاهه کي وڏي وزير جي عهدي جو قسم کڻائڻ کانپوءِ لياري ۾ عزير بلوچ ڏانهن نيو ويو هو. هن چيو ته عزير بلوچ جي حيثيت ٺاهڻ وارو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا آهي، هن پنهنجي وزارت واري دور ۾ سندس مڪمل پٺڀرائي ڪئي. نبيل گبول چيو ته لياري ۾ رڳو عزير بلوچ جو حڪم هلندو هو، سندس ترقياتي رٿائن جو افتتاح به ذوالفقار مرزا ڪندو هو. هن چيو ته هن عزير بلوچ کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي راضي ڪيو هو پر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ايئن ڪرڻ کان روڪيو ۽ کيس کليل ڇوٽ ڏني. اڳوڻي ايم اين اي چيو ته شرجيل ميمڻ کي گرفتاري جو ڊپ آهي، انهيءَ ڪري ڏيهه ورڻ کان لنوائي پيو. نبيل گبول چيو ته آصف علي زرداري تي آڱريون کڄي رهيون آهن، کيس ترت واپس اچڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *