شرجيل ميمڻ درجن کان وڌيڪ غير قانوني شادي هالن کي پنهنجي نگراني ۾ ڊهرائي پٽ ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جمعي واري ڏينهن شهر ۾ قبضن ۽ خاص ڪري راندين جي ميدانن، پارڪس ۽ عام ڀلائي واري پلاٽن تي قائم غير قانوني شادي هالن جي خلاف جاري مهم جي سلسلي ۾ درجن کان وڌيڪ غير قانوني شادي هال ۽ انهن کي پنهنجي نگراني ۾ مسمار ڪرائي ڇڏيو ، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ سينٽرل جي ايڊمنسٽريٽر ڪمال احمد کي وارننگ ڏني ويئي آهي ته ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۾ قائم تمام غير قانوني شادي هال ۽ لان جمعي جي رات تائين مسمار ڪري ان جي رپورٽ کيس پيش ڪري ٻي صورت ۾ کيس معطل ڪيو ويندو.شرجيل ميمڻ انهن سڀني ماڻهن سان معذرت ڪئي جن ماڻهن اهي غير قانوني شادي هالن جي بڪنگ ڪرائي هئي ۽ چيو آهي ته اسين هن شهر جي عوام ۽ ٻارن جي راند ۽ تفريح جي ميدانن کي ڪنهن به صورت ڪمرشل طور تي استعمال نه ٿيڻ ڏيندا سين . هن چيو ته اها ڪارروائي بنا فرق جي سموري صوبي ۾ان  وقت تائين جاري رکي ويندي جيستائين تمام راندين جا ميدان ، پارڪ ۽ ٻين عام ڀلائي واري پلاٽن کي قبضن کان پاڪ نه ٿو ڪرايو وڃي. تقصيل موجب سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جمعي جي شام اوچتو سينٽرل ضلعي ۾ ناظم آباد نمبر 2 ، آئشه منزل ۽ گلبرڪ ٿاڻي جي حدن ۾ غير قانوني شادي هالن ۽ لان تي ڇاپا هڻي انهن کي مسمار ڪرائي ڇڏيو. ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ثاقب سومرو ، ميٽروپوليٽن ڪمشنر ڪراچي مسعود عالم ، ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ روبينه آصف ، ڊي سي سينٽرل ، ايڊمنسٽريٽر ۽ ميونسپل ڪمشنر سينٽرل ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر به ساڻس گڏ هئا. صوبائي وزير ناظم آباد نمبر 2 ۾ گرين بيلٽ تي قائم غير قانوني شادي هال کي پنهنجي نگراني ۾ مسمار ڪرائي سمورو سامان ضبط ڪرڻ جا حڪم ڏنا. هن آئشه منزل ۾ مسجد خير العمل جي پٺيان ٻارن جي راند جي ميدان ۾ قائم شادي هال کي به پنهنجي نگراني ۾ مسمار ڪرايو. ان موقعي تي اتي موجود سوين ٻارن صوبائي وزير جي ان قدم تي ڀرپور نعري بازي ڪئي ۽ کيس اپيل ڪئي ته هو کين پنهنجي هٿن سان اهو گرائونڊ حوالي ڪري، جنهن تي صوبائي وزير ٻارن سان هٿ ملايو ۽ کين گرائونڊ سندن حوالي ڪرڻ جي نويد ڏني. جنهن تي اتي موجود رهاڪن جي وڏي تعداد شرجيل ميمڻ جي ان قدم تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. ان کان پوءِ صوبائي وزير گلبرڪ ٿاڻي سان لاڳاپيل راندين ۽ ثقافتي مرڪز جي بائونڊري وال ۾ موجود هڪ درجن کان وڌيڪ شادي هال کي به پنهنجي نگراني ۾ ڊهرايو ۽ علائقي جي ڊي ايس پي ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن کي هدايتون ڏنيون ته هو مڪمل طور تي ان کي صاف ڪرائي هڪ ميدان بڻائن. ان موقعي تي موجود ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان ٽي مهينا پهرين اهڙن شادي هالن ، لان ۽ راندين جي ميدانن ۾ غير قانوني شادي هال قائم  ڪندڙن کي خبردار ڪيو هو ته هو ازخود ان غير قانوني ڪم کي بند ڪن، پر افسوس انهن نه صرف اسان جي هدايتن کي نه ٻڌو پر حڪومتي رٽ کي به چئلينج ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هاڻي هن شهر ۽ صوبي ۾ راندين جي ميدانن ، پارڪن  ۽ عام ڀلائي واري زمينن تي ڪنهن به قسم جو قبضو برداشت نه ڪندا سين. اهڙا سمورا شادي هال ۽ لان جيڪي ان زمينن تي قائم آهن انهن نه فقط ڊاهي ان جو سامان ضبط پر انهن جي مالڪن خلاف ڪيس به داخل ڪيا ويندا. هن چيو ته جنهن جنهن ضلعي ۾ اهڙا شادي هال يا سرڪاري زمينن تي قبضي جي خاطمي ۾ اتان جا آفيسر ناڪام نظر آيا ته کين معطل ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهڙي قسم جي شادي هالن ، پارڪن ۽ راندين جي ميدانن تي قبضا ڪراچي جي عوام خاص ڪري ٻارن سان زيادتي جي برابر آهن. هن چيو ته اڄ آئّشه منزل جي ويجهو هڪ راندين جي ميدان ۾ سالن کان قابض شادي هال جي خاتمي کانپوءِ اتان جي ٻارن ۽ علائقي جي رهاڪن پاران جنهن انداز ۾ کيس ساراهيو ويو اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هاڻي هن شهر جو عوام ان قبضا مافيا خلاف اسان جي ان مهم ۾ اسان سان گڏ آهي. هن چيو ته اسان اها ڪارروائي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي واضح هدايتن جي روشني ۾ شروع ڪئي آهي پر افسوس جو هيٺين سطح جي عدالتن پاران پنهنجي ئي اعليٰ عدالتن جي فيصلن جي برخلاف اسٽي آرڊر به ڏنا پيا وڃن. پر ان سلسلي ۾ اسان جا قانوني ماهر ان سموري هيٺين عدالتن سان رابطا ڪري کين معزز عدالتن جي فيصلي کان آگاهه ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول هائوس ٻاهران رنڊڪون پيپلز پارٽي يا سنڌ حڪومت نه پر پوليس ۽ ٻين امن امان جي بحاليءَ واري ادارن پاران بلاول  هائوس ۾ ٿريٽ کان پوءِ لڳايا ويا آهن ۽ اتي چيڪ پوسٽون به انهن ئي قائم ڪيون آهن. هڪ سوال جي جوا ب ۾ هن چيو ته اسان ڪي ايم سي جي تحت ڪراچي ۾ اهڙي پاليسي جلد جوڙي رهيا آهيون ته جيڪي به ماڻهو هتي تقريبن لاءِ هال بڪ ڪرائن انهن کي ان ڳالهه جو علم هجي ته اهو هال قانوني آهي پر عوام کي گهرجي ته هو هال جي بڪنگ کان پهرين ڄاڻايل هال جي انتظاميه کان ان ڳالهه جي تصديق ڪن ته شادي هال غير قانوني ناهي ته جيئن هو پريشانين کان بچي سگهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انهن شادي هالن جي انتظاميا کي ماضي ۾ ناظمن پنهنجي اختيارن کان وڌيڪ غير قانوني طور تي اجازت نامه ڏنا هئا ۽ انهن هن شهر جي عوام ۽ ٻارن سان تمام وڏي ناانصافي ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *