شرجيل انعام ميمڻ طرفان پي ايس 50 تڪ جي مختلف علائقن جو دورو، ترقياتي ڪمن جو معائنو

حيدرآباد (بيورو) اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پي ايس 50 ۾ جاري مختلف ترقياتي ڪمن جو اوچتو دورو ڪندي عملدارن کي سخت هدايت ڪئي آهي ته اهي ڪمن کي فوري طور مڪمل ڪن ته جيئن تڪ جي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري سندن زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي. هن اهڙو اظهار جمعي ڏينهن پي ايس 50 جي مختلف علائقن ۾ مختلف برادرين سان سندن وارثن جي لاڏاڻي تي عذر خواهي ڪرڻ کانپوءِ مختلف ترقياتي رٿائن جو دورو ڪرڻ دوران ڳالهائيندي ڪيو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پ پ پ حڪومت پنهنجي هر دور اقتدار ۾ عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ اهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو فلسفو آهي جنهن تي اڄ به پ پ پ قائم آهي ۽ پنهنجي شهيدن جي مشن کي جاري رکندي ملڪ جي غريب عوام جو سهارو بڻي آهي. هن چيو ته پي ايس 50 ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم شروع ڪرايا ويا آهن، جن جي مڪمل ٿيڻ سان حيدرآباد جي ٻهراڙي وارو علائقو هڪ ماڊل سٽي بڻجي ويندو ۽ هتان جي رهواسين کي زندگي جون سموريون سهولتون ميسر ٿينديون. ان موقعي تي هن يو سي هٽڙي ۾ وڏيرو وڪيو پنهور سان سندس ڀاڄائي، هوسڙي ۾ انتظار راجپوت سان سندس چاچي، ٽنڊو قيصر ۾ عزيز پهوڙ سان سندس ڀاءُ، هٽڙي ۾ امام الدين نوناري ۽ نوناري برادري جي ٻين 6 فردن سان سندن وارثن مسو ڀرڳڙي ۾ رئيس سعيد خان بروهي، مسو ڀرڳڙي ۾ صحافي عاشق ترڪ سان سندس ڀاءُ ۽ ميوو حاجاڻو ۾ مختلف ماڻهن سان سندن وارثن جي لاڏاڻي تي پڻ عذرخواهي ڪئي ۽ گهري ڏک جو اظهار ڪيو. بعد ۾ صوبائي وزير تڪ ۾ جاري ترقياتي ڪمن جو پڻ جائزو ورتو ۽ هدايت ڪئي ته ڪمن جي معيار کي نظر ۾ رکندي وقت سر ترقياتي رٿائون مڪمل ڪيون وڃي. بعد ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ علائقي جي معززين سان ملاقاتون پڻ ڪيون ۽ عام ماڻهن سان گڏجاڻيون ڪري سندن مسئلا دريافت ڪيا ۽کين خاطري ڪرائي ته سندن مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، ان موقعي تي حاجي بدر ميمڻ، رئيس حاڪم علي کٽياڻ، سيد شفقت شاهه، وڏيرو ڪريم بخش جهيجو، وڏيرو لعل بخش جهيجو، سيد روشن علي شاهه، مولابخش مشوري، شاهزيب سيواڻي ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *