شاگرد يونين جي حمايت، سرڪاري يونيورسٽين کي خانگائڻ ۽ تعليمي ادارن ۾ جنسي هراساني روڪڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي: بلاول

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به شاگرد يونين جي بحالي جي حمايت ڪري ڇڏي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي شاگرد يونين جي بحالي جي حامي آهي، بينظير ڀٽو به شاگرد يونين بحال ڪري ڇڏي هئي پر معاشري کي غير سياسي بڻائڻ جي لاءِ شاگرد يونينز جي بحالي ختم ڪئي وئي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پيغام ۾ بلاول وڌيڪ چيو ته سرڪاري يونيورسٽين کي خانگائڻ ۽ تعليمي ادارن ۾ جنسي هراساني روڪڻ جي لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي. بلاول ڀٽو يونيوسٽي ڪيمپسز کي غير عسڪري ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ۽ لکيو ته شاگرد جي نئين نسل جي پر پرامن جمهوري عمل جي بحالي لاءِ جوش ۽ خروش متاثر ڪندڙ آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *