شاگرد يونين جي بحالي جو اشارو، شاگرد يونين مستقبل جا ليڊر پيدا ڪنديون آهن: عمران خان

اسلام اباد(م.ڊ) وزير اعظم عمران خان ٽوئيٽر تي شاگرد يونين جي بحالي جو اشارو ڏئي ڇڏيوو سندس چوڻ هو ته  شاگرد يونين مستقبل جا ليڊر پيدا ڪنديون آهن، هن اهو به چيو ته يونيورسٽيون مستقبل جي قيادت کي پروان چڙهائينديون آهن، بدقسمتي سان پاڪستاني يونيورسٽين ۾ شاگرد تنظيمون پرتشدد بڻجي چڪيون آهن  پاڪستاني جامعات پرتشدد محاذ جنگ جو منظر پيش ڪنديون آهن، جنهن سان جامعات ۽ ڪيمپسز جو عالماڻو ۽ دانشوراڻو ماحول تباهه ٿيو آهي، هن چيو ته شاگرد يونين جي بحالي لاءِ جامع ضابطه اخلاق جوڙينداسين، ان لاءِ بين الاقوامي جامعات جي تجربن مان فائدو وٺنداسين، وزير اعظم عمران خان جو ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چوڻ هو ته ضابطه اخلاق سان شاگرد تنظيمون وڌيڪ مثبت انداز ۾ ڪم ڪري سگهنديون، جنهن سان حقيقي معنيٰ ۾ ملڪ کي مستقبل جي قيادت ملي سگهندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *