شاه رخ ۽ بالي ووڊ جي ٻين اداڪارن جي موجودگيءَ ۾ پروگرام سيٽ تي باه لڳي وئي

نئي دهلي(شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا جي مطابق بالي ووڊ اسٽار شاه رخ، ڪرن جوهر، فرح خان، عاليه بٽ ۽انوڪشا شرما ڀارتي ٽي وي پروگرام “  انڊيا پوڇي گا سب سي شانا ڪون” جي شوٽنگ ۾ مصروف هئا ته اوچتو سيٽ تي تي باه ڀڙڪي پئي جنهن کان پوءِ سڀ ماڻهون حفاظت سان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس جي ريپورٽ جي مطابق باه شارٽ سرڪٽ مان لڳي، جنهن ۾ سڀ ماڻهون  خوش قسمتيءَ سان محفوظ رهيا ۽ فائر برگيڊ موقع تي پهچي باه تي ضابطو آندو .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *