شاهپور چاڪر: ٽائون ڪاميٽي جي ملازم جي قتل جو ڊراپ سين، قاتل زال نڪتي، مائٽ سميت گرفتار، ڏوهه جو اعتراف

شاهپورچاڪر(رپورٽر) شاهپورچاڪر ڀرسان ڳوٺ رمضان سيال ۾ 2 راتيون اڳ فوت ٿيل ٽائون ڪميٽي جي ملازم مير محمد سيال جي قتل جو ڊراپ سين،قتل ۾ ملوث مير محمد سيال جي زال گل مينہ سيال ۽ سندس ساٿاري مائٽ حاجي خان سيال گرفتار،جوابدار حاجي خان ۽ گل مينہ مقتول مير محمد سيال کي نشو ڏيئي رسي سان گهٽا ڏيئي قتل ڪرڻ جو ميڊيا آڏو اعتراف ڪري ورتو،پوليس جوابدار حاجي خان جي نشاندهي تي واردات ۾ استعمال ٿيندڙ رسو ڳوٺ جي ڀرسان ڊرڀن مان هٿ ڪري ورتو،ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي سنجهورو عطا محمد ڏاهري ۽ ايس ايڇ او ذوالفقار علي پاهي ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تہ ٽائون ڪميٽي شاهپورچاڪر جو ملازم ڳوٺ رمضان سيال جو رهواسي 45 ورهيہ مير محمد سيال ٻہ ڏينهن اڳ فوت ٿي ويو هيو،جنازي نماز دوران سندس ڀائيٽي سجاد سيال ڳچي تي زخمن جا نشان ڏسي قتل جو شڪ ظاهر ڪندي پوليس کي فون تي اطلاع ڪيو جنهن بعد ايس،ايس،پي سانگهڙ جي مليل حڪم تي پوليس ڳوٺ رمضان سيال پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءَ کڻائي رورل هيلٿ سينٽر آندو جتي ڊاڪٽر نہ هجڻ سبب پوليس پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءَ لاش شھدادپور جي اسپتال انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس پهچايو جتي مقتول مير محمد جو پوسٽ مارٽم ٿيو،پوليس شڪ جي بنياد تي سندس ڳوٺ واسي نوجوان حاجي خان سيال کي گرفتار ڪيو جنهن پڇا ڳاڇا دوران اعتراف ڪيو تہ مقتول مير محمد سيال جي زال قتل جي واردات ۾ ساڻس گڏ ھئي،جوابدار حاجي خان سيال ميڊيا آڏو بيان ڏيندي چيو تہ هن مير محمد سيال جي ڌي سان پرڻو ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ سندس زال جي بہ مرضي هئي تہ ان جي ڌيءُ جو رشتو مون سان ٿئي پر مير محمد ان جو سڱ ٻئي هنڌ ڪري ڇڏيو جنهن تي  سندس زال گل مينه نا خوش ھئي جنهن  مون کي چيو تہ مير محمد کي ماري ڇڏ پوءَ ڌي جو رشتو توکي ڏيندس ۽ منهنجي هٿان نشي واريون ڳوريون گهرائي پنهنجي مڙس کي چانھ ۽ بوتل ۾ ڏيئي بي هوش ڪري مون کي فون تي گهرايو مون ۽ گل مينہ مير محمد جي ڳلي ۾ رسو وجهي کيس گهٽا ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو،ملزمہ گل مينہ ميڊيا آڏو اعتراف ڪندي چيو ته کائنس غلطي ٿي وئي آھي جنهن تي کيس سخت پڇتاءُ آھي هن پنهنجي مڙس کي چانھ ۾ گوريون ڏنيون ۽ هو بيهوش ٿي ويو جنهن بعد حاجي خان کي فون تي گهرايو جنهن کيس رسي سان گهٽا ڏئي قتل ڪيو، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين شاهپورچاڪر ٿاڻي تي ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *