شاهپورچاڪر لڳ جلباڻي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جھيڙو، نوجوان قتل، 3 زخمي ڄڻا

شاهپورچاڪر( رپورٽر) شاهپورچاڪر ٿاڻي جي حد چودڳي ۾ سڱاوتي تڪرار تان جلباڻي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جھيڙو، گوليون لڳڻ سبب 27 ورهين جو محمد لقمان جلباڻي قتل ٿي ويو، جڏھن ته 3 ڄڻا عباس علي وحيد علي ۽ معشوق جلباڻي گوليون ۽ لٺيون لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيا، اهڙي اطلاع تي شاهپورچاڪر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ شاهپورچاڪر رورل هيلٿ سينٽر آندو ۽ زخمي ٽنهي ڄڻن کي پڻ علاج واسطي مقامي اسپتال آندو ويو، قتل ٿيل نوجوان جي وارثن سائين ڏتو، شير محمد ۽ حڪيم جلباڻي ٻُڌايو ته گذريل رات اسانجي ڳوٺ سڱاوتي حساب سان برادري جي ماڻھن جون پاڻ ۾ ڳالهين دوران ٿوري ڏند چڪ ٿي پر اسانجي برادري جي خدا بخش الھ بخش ۽ ٻين جن وٽ پسٽل هو چودڳي اسٽاپ تي  اچي مانڊڻي هلائيندڙ لقمان جلباڻي تي فائرنگ ڪري قتل ڇڏيو ۽ فائرنگ ۽ لٺيون لڳڻ سبب 3 ڄڻا زخمي پڻ ٿي ويا آھن ۽ جوابدار فرار ٿي ويا، هنن ٻڌايو ته قتل ٿيل پورهيت لقمان جلباڻي ٽن معصوم  پٽن جو پيءُ ۽ گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ ھو، آخري اطلاعن تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *