شاهين گورن سان اڄ پهرين ون ڊي ۾ مهاڏو اٽڪائيندا

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ چئن ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز جي پهرين ون ڊي اڄ شيخ زيد اسٽيڊيم ابوظهبي ۾ کيڏي ويندي، ميچ مصنوعي روشني ۾ کيڏي ويندي ۽ پاڪستانيوقت موجب شام جو 4 وڳي شروع ٿيندي، قومي ڪرڪيٽ ٽيم اظهر علي جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي، جڏهن ته انگلينڊ جي ڪپتاني جا فرض ايون مورگن انجام ڏيندو، پاڪستاني ٽيم ان کان اڳ انگلينڊ کي ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 0-2 تان شڪيت ڏئي چڪي آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻين ون ڊي 13 نومبر تي، ٽين ون ڊي 17 نومبر جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ون ڊي 20 نومبر تي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *