شاهين هدف تائين پهچڻ کان اڳ ئي همت هارائي ويٺا، نيوزيلينڊ جي اڻونجاهه سالن کانپوءِ تاريخي ڪاميابي

 

ابوظهبي ( اسپورٽس نيوز ) نيوزيلينڊ ابوظهبي ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي 123 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. شيخ زيد اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ جي آخري ڏينهن نيوزيلينڊ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 353 رنسون ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪئي ۽ پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 280 رنسن جو هدف ڏنو. گرين ڪيپس طرفان گرين شرٽس طرفان امام الحق ۽ محمد حفيظ اننگز جي شورعات ڪئي ۽ 19 رنسن جي گڏيل اسڪور تي پنهنجي آخري ٽيسٽ ميچ کيڏندڙ پروفيسر محمد حفيظ 8 رنسون ٺاهي ٽم سائوٿي جي بال تي بولڊ ٿي ويو. پهرين اننگز ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪندڙ اظهر علي به گهڻو وقت ڪريز تي نه ٽڪي سگهيو ۽ 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. جنهن بعد حارث سهيل 9، اسد شفيق کاتو کولڻ بنا ۽ امام الحق 22 رنسون ٺاهي پويلين روانا ٿيا. ڪپتان سرفراز احمد به 28 رنسن تي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا، ياسر شاهه چار رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. بابر اعظم ڪيوي بالرن اڳيان مزاحمت ڏيکاري ۽ هو 51 رنسون ٺاهي اعجاز پٽيل جو شڪار بڻيو. بلال آصف 12، حسن علي 4 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا، جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي 2 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿي، سومروويل ۽ اعجاز پٽيل 3، 3 شڪار ڪيا جڏهن ته گرينڊ هوم هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي..ان کان اڳ ميچ جي آخري ڏينهن راند شروع ٿي ته پهرين ئي بال تي حسن علي ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن کي ايل بي ڊبليو آئوٽ ڪيو، هن 139 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي.  ڪريز تي اڳواٽ موجود هينري نيڪولس ۽ گرينڊ هوم ڇهين وڪيٽ تي 62 رنسن جي تيز ڀائيواري قائم ڪئي 334 رنسن جي مجموعي اسڪور تي گرينڊ هوم 26 رنسون ٺاهي ياسر شاهه جي بال ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. ستون آئوٽ ٿيندڙ بيٽسمين واٽلنگ جو جنهن کي ياسر شاهه بولڊ ڪيو. اهڙي ريت ڪيوي ٽيم راند جي آخري ڏينهن 7 وڪيٽن جي نقصان تي 353 رنسون ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي ۽ پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 280 رنسن جو هدف ڏنو. پاڪستان طرفان ياسر شاهه سڀ کان ڪامياب بالر ثابت ٿيو هن 4، شاهين شاهه آفريدي 2 جڏهن حسن علي جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *