شاهينن جي اوچي اڏام، ويسٽ انڊيز کي ٻئي ون ڊي ۾ به مات

شارجا (اسپورٽس نيوز)  پاڪستان ٻئي هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ به ويسٽ انڊيز کي مات ڏئي ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. تفصيل موجب شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ميزبان پاڪستان پهرين بيٽنگ ڪندي مقرره 50 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 337 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ مهمان ويسٽ انڊيز مقرره اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 278 رنسون ٺاهي سگهي. پاڪستان طرفان بابر اعظم 123 رنسون، شعيب ملڪ 90 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته سرفراز احمد 60 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *