شاهه محمود قريشي ۽ سراج الحق وچ ۾ ملاقات، ڳالهين جو بال هاڻي حڪومت جي ڪورٽ ۾ آهي: شاهه محمود

اسلام آباد(بيورو) جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي پشاور سانحي کي ننديندي مطالبو ڪيو آهي ته دهشتگردي خلاف تڪڙا قدم کنيا وڃن، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڳالهين وارو بال هاڻي حڪومتي ڪورٽ ۾ آهي، ايندڙ ملاقات ۾ معاملا طئي ٿي سگهن ٿا، سراج الحق چيو آهي ته پشاور کي ڪربلا بڻايو ويو، جنهن جو اسلامي تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي، حڪومت ڳالهين لاءِ سنجيدگي اختيار ڪري. اسلام آباد ۾ شاهه محمود قريشي ۽ جماعتاسلامي جي سربراهه سراج الحق وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي تازه ترين صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻنهي اڳواڻن ملڪ ۾ جاري دهشتگردي وارن واقعن جي مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته حڪومت کي جيڪو سڄي قوم مينڊيٽ ڏنو آهي، ان جو فائدو حاصل ڪندي دهشتگردي خلاف ويڙهه کي وڌيڪ فعال بڻائي. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پشاور سانحي سان قوم جا ارادا وڌيڪ پختا ٿيا آهن. هن چيو ته 1965 کانپوءِ پهريون ڀيرو قوم ڪنهن هڪ نقطي تي گڏ ٿي آهي ۽ نواز شريف کي هن صورتحال جو فائدو وٺي دهشتگردي خلاف ويڙهه کي فعال ۽ منظم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پشاور سانحي تي قوم جهڙي ريت ايڪتا جو اظهار ڪيو آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. هن چيو ته قومي سانحي تي عمران خان اڳڀرائي ڪئي ۽ وڇوٽين باوجود حڪومت ڏانهن سهڪار جو هٿ وڌايو. هن چيو ته پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ ملڪ ۾ امن امان ضروري آهي، سندس چوڻ هو ته ڳالهين وارو بال هاڻي حڪومتي ڪورٽ ۾ آهي، ايندڙ ملاقات ۾ معاملا طئي ٿي سگهن ٿا. جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق چيو ته دهشتگردن جو ڪو به دين ايمان نه هوندو آهي، جڏهن ته پشاور کي ڪربلا بڻائي متاثرن سان ڪِيس ڪيو ويو. سراج الحق جو چوڻ هو ته حڪومت کي هاڻي ڳالهين واري معاملي ۾ سنجيدگي اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسلامي تاريخ ۾ پشاور جهڙو سانحو اڳ ۾ نه ٿيو آهي، تحريڪ انصاف کي اپيل آهي ته اها اسيمبلي ۾ واپس اچي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *