شاهه محمود قريشي جو آئيوري پوسٽ، ڊينش ۽ ناروي جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي رابطو، والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڊينش پرڏيهي وزير جيبڪو فوڊ سان ٽيليفون سان رابطو ڪيو جنهن ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي پرڏيهي وزير پنهنجي ڊينش هم منصب کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ ۽ آبادي تباسب تبديل ڪرڻ جي حوالي سان هندستان جي هڪ طرفي قدمن کان آگاهه ڪيو ڀارت پنج آگسٽ کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير کي مسلسل ڪرفيو جي ذريعي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ ڀارت پاران ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۾ روزانو واڌ ٿي رهي آهي پرڏيهي وزير چيو ته هندستان جا هڪ طرفا قدم دنيا جي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي ٺهرائن جي خلاف آهن هن چيو ته اقوام متحده سيڪيورٽِ ڪائونسل جي جنرل سيڪريٽري ۽ سيڪيورٽِ ڪائونسل ان صورتحال جو نوٽيس ورتو آهي هن چيو ته 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوج والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ موجود آهي مسلسل ڪرفيو جي ڪري خوراڪ ۽ دوائن جي سخت کوٽ آهي هن چيو ته اسان اول کان ڳالهين لاءِ تيار هئاسي ۽ ڳالهين لاءِ تيار آهيون هن چيو ته وزيراعظم عمران خان وزيراعظم واري ڪرسي سنڀاليندي چيو هو ته جيڪڏهن دهندستان هڪ وک وڌائي ته اسان ٻه وکون وڌائينداسين شاهه محمود قريشي ڊينش هم منصب کي چيو ته مظلوم ڪشميرين جا اهنج گهٽائڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪرفيو ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڊينش جي پرڏيهي وزير چيو ته اسان ان ڳالهه سان متفق آهيون ته ٻن ايٽمي طاقتن وچ ۾ ڇڪتاڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي هن چيو ته ان جي ان صورتحال تي سخت نظر آهي ۽ ان سمورن معاملن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو يورپي يونين جي اعليٰ نمائنده جي بيان، گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي جنرل سيڪريٽري جو بيان به اسان آڏو آهي ڊنمارڪ کي هن سموري صورتحال تي ڳڻتي آهي جڏهن ته سمورين ڌرين کي چونداسين ته خطي کي ڇڪتاڻ کان بچائڻ لاءِ ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو وڃي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جو ان ڏس ۾ گڏيل مشاورت ۽ رابطي جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ٿيو. هوڏانهن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ناروي جي پرڏيهي وزير اينه اريڪسون سوراعدي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي لتاڙ سميت خطي ۾ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي پرڏيهي وزير پنهنجي ناروي هم منصب کي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڪ طرفو قدم ۽ ان جي نقصان کان آگاهه ڪيو پرڏيهي وزير چيو ته هندستان 5 آگسٽ کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب کاڌ خوراڪ جي شين ۽ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي ويئي آهي مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته عورتن کي ڄم جي حالت ۾ اسپتالن تائين پهچ نٿي ڏني وڃي شاهه محمود قريشي چيو ته ناروي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي روڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ناروي جي پرڏيهي وزير ان صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته اسان جي خواهش آهي ته هن مسئلي سان لاڳاپيل سموريون ڌريون گڏجي ويهي ان جي پرامن حل لاءِ اڳڀرائي ڪن ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ افغان امن عمل تي به ڳالهه ٻولهه ٿي ناروي جي پرڏيهي وزير افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو هن چيو ته اسان سمجهيون ٿا ته خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪشمير جي مسئلي جو مستقل حل ضروري آهي ناروي ڌرين جي مائل ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجو مصالحاڻو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

ٻِي طرف پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي آئيوري پوسٽ جي پرڏيهي وزير مارسل آمونتاانو سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ ڪشمير جي صورتحال سميت ٻطرفي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان آئيوري ڪوسٽ کي اولهه آفريڪا جو اهم ملڪ سمجهي ٿو شاهه محمود قريشي پنهنجي هم منصب کي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندر انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي کان اگاهه ڪيو پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي ڀارت جي ان هڪطرفي قدمن کان پوءِ هڪ نئون انساني الميو جنم وٺندي نظر اچي رهيو آهي هن چيو ته ان صورتحال ۾ آئيوري ڪوسٽ سيڪيورٽي ڪائونسل جو ميمبر هجڻ جي ناطي انساني حقن جي انهن سنگين ڀڃڪڙِن کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪلردار ادا ڪري آئيوري ڪوسٽ جي پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي صورتحال تي نظر اهي سيڪيورٽي ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت سان پنهنجي تعاون جو اشارو ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *