شاهه رخ سان سٺو وقت گذريو ، ڌي ۽ شاهه رخ جي پٽ کي گڏ ڏسي ماضي ياد اچي ويو : جوهي چاولا

ممبئي(شو بز نيوز)ماضي جي سپرهٽ بالي ووڊ اداڪارا جوهي چاولا پنهنجي ڌيءُ ۽ شاهه رخ جو پٽ گڏ ڏسي خوش ٿي وئي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب اداڪارا جوهي چاولا جي ڌيءُ جهانوي چاولا ۽ شاهه رخ خان جو پٽ آريان خان آئي پي ايل جي رانديگرن جي نيلامي واري تقريب ۾ شريڪ ٿيا ۽ هڪ ئي ميز تي گڏ ويٺا. جوهي چاولا سندن هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي جنهن جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته ٻنهي کي گڏ ڏسي خوشي ٿي، ڇاڪاڻ ته مون کي ماضي ياد اچي ويو، هن چيو ته مون ۽ شاهه رخ ماضي ۾ ڪيترين ئي فلمن ۾ گڏجي ڪم ڪيو، شاهه رخ سان سٺو وقت گذريو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *