شاهه رخ خان پشاور ظلمي ۽ ڪلڪتا نائٽ رائيڊرز ۾ سيريز ڪرائڻ جي پيشڪش ڪري ڇڏي

ممبئي (اسپورٽس نيوز) بالي ووڊ جي اسٽار ۽ ڪلڪتا نائٽ رائيڊرز جي مالڪ شاهه رخ خان پشاور ظلمي ۽ ڪلڪتا نائٽ رائيڊرز ۾ سيريز ڪرائڻ جي پيشڪش ڪئي آهي نجي ٽي وي موجب شاهه رخ خان پاڪستان سپر ليگ ۾ فتح حاصل ڪندڙ پشاور ظلمي جي مالڪ جاويد آفريدي کي مبارڪباد ڏيندي تجويز پيش ڪئي ته پشاور ظلمي ۽ ڪلته نائٽ رائڊرز ۾ نيوٽرل هنڌ تي سيريز ڪرائي وڃي پنهنجي بيان ۾ شاهه رخ خان چيو ته ٻئي حڪومتون راضي ٿي وڃن ته سيريز دبئي يا لنڊن ۾ ڪرائي سگهجي ٿي. ۽ هڪ ڀيرو اهو سلسلو شروع ٿي ويو ته ٻنهي ملڪن ۾ انٽرنيشنل ليول تي به ڪرڪيٽ جا رستا کلي ويندا. ذريعن موجب پشاور ظلمي جي مالڪ جاويد آفريدي شاهه رخ خان جي تجويز تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ پراميد آهي ۽ امڪان آهي ته ٻنهي ٽيمن ۾ جلد سيريز جو اعلان ٿي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *