شاهنواز ڏاهاڻي نيٺ پاڪستان طرفان ڊيبيو ڪري ورتو، بنگلاديش خلاف بهترين بالنگ

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) لاڙڪاڻي واسي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي نيٺ قومي ٽيم ۾ چانس ملي ويو ۽ انٽرنيشنل ڪيريئر جي پهرين ميچ ۾ هو بهترين بالنگ ڪرائيندي 3 اوورن ۾ 24 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب رهيو.پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي آخري ميچ ڍاڪا ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ پاڪستان طرفان فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي ڊيبيو ڪرايو ويو.شاهنواز ڏاهاڻي کي قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد ڊيبيو ڪيپ پيش ڪئي، جنهن کانپوءِ هن بنگلاديش خلاف بالنگ ڪرائيندي پهرئين ئي اوور جي ٽئين بال تي وڪيٽ وٺي ڇڏي.شاهنواز ڏاهاڻي بنگلاديشي اوپنر نجم الحسين کي ڪلين بولڊ ڪيو.واضح رهي ته لاڙڪاڻي واسي شاهنواز ڏاهاڻي پاڪستان سپر ليگ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو هو، کيس زمبابوي ۽ ويسٽ انڊيز خلاف قومي ٽيسٽ اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو پر هو انٽرنيشنل ڊيبيو نه ڪري سگهيو هو.شاهنواز ڏاهاڻي کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جي 18 رڪني اسڪواڊ ۾ ريزور رانديگر پڻ شامل ڪيو ويو هو. پاڪستان دلچسپ مقابلي کانپوءِ بنگلاديش کي ٽئين ٽي ٽوئنٽي ۾ شڪست ڏئي سيريز 0-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي، شير بنگلا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڪستان کي 125 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو قومي ٽيم ۾ ڊيبيو ڪندي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي پنهنجي پهرين اوور جي ٽئين بال تي وڪيٽ ورتي، عثمان قادر ۽ محمد وسيم 2.2 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته حارث رئوف ۽ شاهنواز ڏاهاڻي هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي بنگلاديش طرفان محمد نعيم 47 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، هدف جو پيڇو ڪندي پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 32 رنسن تي ڪري پئي ۽ ڪپتان بابر اعظم 19 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ رضوان راند کي سنڀاليو ۽ هو 40 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ميچ جو فيصلو آخري بال تي ٿيو محمد نواز آخري بال تي چوڪو هڻي ٽيم کي فتح ڏياري، پاڪستان طرفان حيدر علي 45 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، بنگلاديش طرفان محمد الله سڀ کان وڌيڪ 3 وڪيٽون ورتيون

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *