“شاهد ڪپور قسمت ۾ نه هو” ڪرينا بريڪ اپ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

 

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور پنهنجي اڳوڻي دوست شاهد ڪپور سان واسطو ختم ڪرڻ جو سبب “قسمت” کي قرار ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سيف علي خان سان شادي کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪرينا پنهنجي ۽ شاهد ڪپور جي تعلق بابت ڳالهايو آهي جنهن ۾ هن چيو ته ٻنهي جي وڇڙڻ جو سبب قسمت آهي. شاهد ڪپور سان ٽن سالن کان وڌيڪ وقت تائين ويجهي دوستي ۾ رهندڙ ڪرينا ڪپور “جب وي ميٽ” جي رليز جي فوري بعد ئي سيف علي خان سان دوستي ڪري ورتي ۽ ساڻس فلم “ٽشن” به سائن ڪئي. 39 سالن جي ڪرينا ڪپور جو چوڻ هو ته شاهد ڪپور سان هٽ ٿيل فلم “جب وي ميٽ” سندس ڪيريئر تبديل ڪيو جڏهن ته سيف علي خان سان ڪيل فلم “ٽشن” زندگي تبديل ڪري ڇڏي. بالي ووڊ جي اڳوڻي مشهور جوڙي شاهد ۽ ڪرينا ڪپور جي دوستي ۽ تعلق بابت سڀ واقف هئا. ٻنهي بلاڪ بسٽر فلمن ۾ به جوهر ڏيکاريا. ياد رهي ته ڪرينا ۽ شاهد جي پهرين فلم “فدا” رليز ٿي هئي جنهن باڪس آفيس تي سٺو بزنس ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *