شاهد ڪپور جي فلم جي سيٽ تي خوفناڪ حادثو، ھڪ ڄڻو فوت

 

ممبئي  (شوبز نيوز)  بالي ووڊ سپر اسٽار شاهد ڪپور جي فلم جي سيٽ تي خوفناڪ حادثو پيش آيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ فلم جي ٽيم جو هڪ ميمبر فوت ٿي ويو آهي.  پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب اداڪار شاهد ڪپوراڄڪلهه پنهنجي ايندڙ فلم ڪيبر سنگهه جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي. سندس فلم ٽيم مسوري ۾ فلم جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ هڪ هوٽل ۾ موجود هئا جتي حادثو پيش آيو آهي.  حادثي ۾ فوت ٿيندڙ فلم جو ٽيم ميمبر جنريٽر آپريٽر هو ۽ هو شوٽنگ شروع ٿيڻ کان اڳ هوٽل ۾ جنريٽر چيڪ ڪرڻ ويو هو جتي اچتو سندس ڳلي ۾ موجود مفلر جنريٽر جي پکي ۾ ڦاسي پيو هن مفلر کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ڳلي جي چوڌاري ڦاسي پيو. جنهن بعد اتي موجود ٻين ماڻهن رام ڪمار نالي ٽيم ميمبر کي زخمي حالت ۾ اسپتال پهچايو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. فلم پروڊيوسر، سني اسٽوڊيو ۽ ٽي سيريز فلمز حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان کي رام ڪمار جي موت تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي اسان رام ڪمار جي خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *