شاهد خان آفريدي ٽي 20 اسڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ جو حقدار ناهي: سرفراز نواز

اسلام آباد(شوبز نيوز) ٽيسٽ ڪرڪيٽر سرفراز نواز چيو آهي ته شاهد خان آفريدي کي 2016ع ۾ شيڊول ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم جو ڪپتان نه بڻايو وڃي ها ته کيس اسڪواڊ ۾ جڳهه ٺاهڻ لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ڪرڻي پوي ها. انفرادي طور تي ان جي ڪارڪردگي ٻُڙي آهي، هو ٽي 20 اسڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ جو حقدار ناهي. ڀارت خلاف سيريز کيڏڻ جي سوچ کي ختم ڪري اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته ٻيون بهترين ٽيمون پاڪستان خلاف کيڏڻ جي انتظار ۾ آهن. پاڪستاني ٽيم زمبابوي کي ٽي 20 سيريز ۾ وائٽ واش ڪيو هو. ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي سرفراز نواز چيو ته آفريدي جهڙن رانديگرن تي اعتماد نٿو ڪري سگهجي جيڪو سال ۾ هڪ ڀيرو پرفارم ڪندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *