شاهد خان آفريدي اڄ 36 سالن جو ٿي ويو،دبئي ۾ دوستن سان گڏ جنم ڏينهن ملهائيندو

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ۽ ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ شاهد خان آفريدي اڄ 36 سالن جو ٿي ويو،دبئي ۾ ساٿين سان گڏ 36 هين بهار جو ڪيڪ ڪاٽيندو.بوم بوم جي نالي سان مشهور ٽي ٽوئنٽي ڪپتان شاهد آفريدي پنهنجي جارحاڻي انداز سبب مشهور آهي، شاهد آفريدي بالنگ بيٽنگ ۽ فيلڊنگ سوڌو مڙني ڪرڪيٽ جي شعبن ۾ پنهنجي چاهيندڙن جي دل ۾ اتساهه ڀريندو آهي.پهرين مارچ 1980ع ۾ خيبر ايجنسي ۾ پيدا ٿيندڙ محمد شاهد خان آفريدي پنهنجي عالمي ڪيريئر جي شروعات 2 آڪٽوبر 1996 ع ۾ نيروبي ۾ ڪينيا خلاف ون ڊي ميچ کيڏي ڪري ڪيو.پنهنجي ٻي ميچ ۾ سريلنڪا خلاف 37 بالن تي 100 رنسون ٺاهي تاريخ رقم ڪري ڇڏي،سندس تيز ترين سنچري وارو رڪارڊ 16 سال محفوظ رهيو،جنهن کانپوءِ انگلينڊ بيٽسمين 36 بالن تي 100 اسڪور ڪري شاهد آفريدي جو رڪارڊ ٽوڙي تيز ترين سنچري جو نئون رڪارڊ ٺاهي ورتو.شاهد آفريدي 398 ون ڊي ميچن ۾ 6 سنچريون ۽ 39 ففٽين جي مدد سنا 8064 رنسون ٺاهيون آهن.بوم بوم آفريدي 27 ٽيسٽ ميچون به کيڏي چڪو آهي.لالا آفريدي کي 2009 ع ۾ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان بڻايو ويو هو ۽ اڄ تائين آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *