شاهد خاقان عباسي حڪومت جي آخري 100 ڏينهن جي ابتي ڳڻپ اڄ کان شروع

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي حڪومت جي آخري 100 ڏينهن جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي جيڪا سڀاڻي کان شروع ٿيندي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پنهنجي اقتدار جي آخري 100 ڏينهن جي روڊ ميپ جون تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن.  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آخري 100 ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف حصن ۾ صحت، تعليم، اڏاوت ۽ توانائي جي پيداوار جي پنجاهه نون منصوبن جي شروعات ڪندو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان شروع ڪيل ترقياتي رٿائون مڪمل ٿي چڪيون آهن ان دوران اهڙين رٿائن جو افتتاح به ڪيو ويندو.  مڪمل ٿيل رٿائن جو تعداد 37 ٻڌايو پيو وڃي. مسلم ليگ ن جي حڪومت جي بهتري جي رپورٽ ۽ ايندڙ چونڊن لاءِ منشور به آخري 100 ڏينهن دوران طئي ڪيو ويندو. ٻئي دستاويز ايندڙ مهيني جي پڄاڻي تائين عوامي استعمال لاءِ تيار ٿي ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *