شاهد حيات جي مصطفيٰ ڪمال ۽ رئوف صديقي سان ملاقات، ايم ڪيو ايم تي الزامن جي جاچ ۾ سهڪار بابت ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آئي اي سنڌ جي ڊائريڪٽر شاهد حيات ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي باغي اڳواڻن مصطفيٰ ڪمال ۽ رئوف صديقي سان اهم ملاقات ڪري ايم ڪيو ايم تي ” را“ سان لاڳاپن جي الزامن ۽ مني لانڊرنگ سوڌو ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ، ميڊيا رپورٽن مطابق شاهد حيات ڪراچي جي اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال جي گهر تي پهتو، جتي هن ساڻس ملاقات ڪئي، ان موقعي تي متحده کان رستا ڌار ڪندڙ اڳوڻو صوبائي وزير رئوف صديقي به موجود هو، ذريعن مطابق ايف آئي اي سنڌ جي ڊائريڪٽر شاهد حيات ٻنهي اڳواڻن سان ملاقات دوران را سان ايم ڪيو ايم جي لاڳاپن، مني لانڊرنگ ۽ ٻين معاملن تي سهڪار جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، ذريعن مطابق مصطفيٰ ڪمال ۽ رئوف صديقي پنهنجي پريس ڪانفرنس دوران ايم ڪيو ايم سربراهه تي لڳايل الزامن جي حوالي سان شاهد حيات کي تفصيلي طور ٻڌايو ۽ ان معاملي ۾ ايف آئي اي سوڌو ٻين جاچ ادارن سان پوري ريت سهڪار ڪرڻ جي پڪ ڏياري، ايم ڪيو ايم جي ٻنهي باغي اڳواڻن سان ڪيتري ئي دير ملاقات کانپوءِ شاهد حيات واپس روانو ٿي ويو، جڏهن ته ملاقات جي حوالي سان ٻنهي ڌرين طرفان ڪي به تفصيل سامهون ناهن اچي سگهيا.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *