شاهد آفريدي کي بخار ٿي پيو، ٽيم سان گڏ پريڪٽس به نه ڪري سگهيو

ڪولڪتا (اسپورٽس نيوز) قومي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي کي بخار ٿي پيو آهي، جنهن ڪري هن ٽريننگ ۾ حصو نه ورتو، ميڊيا رپورٽن مطابق قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ اڄ پنهنجي پهرين ميچ بنگلاديش خلاف کيڏندي پر ان کان پهرين ئي شاهد آفريدي کي بخار ٿي پيو، جنهن ڪري هن اڄ ٽيم جي پريڪٽس ۾ به حصو نه ورتو، جڏهن ته ٻين رانديگرن بالنگ، بيٽنگ ۽ فيلڊنگ جي ڀرپور پريڪٽس ڪئي، قومي ٽيم جي ذريعن مطابق شاهد آفريدي جلد صحتمند ٿيڻ لاءِ پريڪٽس بدران آرام ڪيو ۽ اميد آهي ته هو سڀاڻي تائين ٺيڪ ٿي بنگلاديش خلاف ايڪشن ۾ نظر ايندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *