شاهد آفريدي پاران پشاور زلمي جي شوقينن لاءِ مفت ٽڪيٽ جو اعلان

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) جي ٽيم پشاور زلمي جي ڪپتان شاهد آفريدي پشاور زلمي جو ساٿ ڏيندڙ شوقينن لاءِ مفت ٽڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.دبئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي خاص طور تي اعلان ڪيو ته جيڪو به شوقين گرائونڊ ۾ پشاور زلمي جي شرٽ پائي ايندو ان جي ٽڪيٽ مفت هون دي ۽ ان جي ٽڪيٽ جا پئسا شاهد آفريدي پاڻ ڏيندو.دبئي ۾ ٿيندڙ ٽرافي جي تقريب  جي  موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائڻ کانپوءِ آخر ۾ شاهد آفريدي اهو اهم اعلان ڪيو،پاڪستان سپر ليگ جي افتتاحي ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ موٽا گيلڊي ائيٽر جون ٽيمون پهريون ڀيرو هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *